جيڪب آباد، خوراڪ کاتي ۾ بي ضابطگيون، اربين رپين جي ڪرپشن

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد خوراڪ کاتي ۾ مبينا بي ضابطگيون، اربين رپين جي ڪرپشن جا انڪشاف، ضلعي ۾ خوراڪ کاتي سان لاڳاپيل مالي ۽ انتظامي بي ضابطگين بابت اهم انڪشاف  سامهون اچي چڪا ، ذريعن موجب ڪڻڪ جي خرد برد ۾ اربين رپين جي مبينا ڪرپشن ڪندڙ اڳوڻي ڊي ايف سي نجيب الله ناريجو کي رڳو معطل ڪرڻ کيس اربين روپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ بچائڻ جي برابر آهي، جڏهن ته مختلف فوڊ مرڪزن تي مقرر انچارجز جن مٿان مبينا طور ڪڻڪ خراب ڏيکاري وڪرو ڪرڻ وارا سنگين الزام آهن اهي تائين پنهنجي عهدن تي برقرار آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آر سي ٺل زيب مگسي جي زير انتظام ايندڙ فوڊ مرڪز تي 9 کان 10 هزار ڪڻڪ جي ٻورين جي کوٽ آهي جڏهن ته سال 2022 ۾ ڪڻڪ جون هڪ هزار ٻوريون خراب هيون جيڪي هاڻي مبينا طور 8 کان 10 هزار تائين خراب ڏيکاريون پيون وڃن جڏهن ته ان آڙ ۾ ڪڻڪ وڪرو ڪئي وئي آهي، اهڙي ريت ڳڙهي حسن سرڪي ۽ ڳڙهي خيرو مرڪز جي انچارج شمس بروهي وٽ ٻنهي هنڌن تي 10 هزار ٻوريون ۽ محمد پور اوڍو مرڪز تي مقرر انچارج رزاق مگسي وٽ 4 کان پنج هزار ٻوريون مبينا طور کوٽ ۾ آهن پر خوراڪ کاتي پاران سندن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي، واضح رهي ته ذڪر ڪيل مرڪزن جي انچارجن خلاف ڊپٽي ڊائريڪٽر خوراڪ لاڙڪاڻو پاران نيب کي پڻ لکيو ويو، خوراڪ کاتي جي ذريعن موجب جيڪڏهن شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته وڏي مالي بي ضابطگي سامهون اچي سگهي ٿي، شهرين ۽ سماجي ڌرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي اعليٰ سطحي ۽ اڻ ڌري جاچ ڪرائي ذميوارن جو پتو لڳائي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ سرڪاري خزاني کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.