ملير جي سونهن ۽ ساوڪ کي بچايو

جميل چانڊيو

تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته ملير ماضي ۾ سونهن ۽ ساوڪ جي حوالي سان مشهور هئي جتي زراعت ذريعي ملير جي کوهن مان پاڻي تي ڀاڄيون ميوا سائو گاهه ۽ ڪيترن ئي انمول قسم جا وڻ هئا جيڪي ڪراچي ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ ملير جو ثمر پهچندو هو جنهن ذريعي عوام کي تازيون زرعي پيداوار ملندي هئي. ڪراچي شهر جي ڪثير آبادي کي ملير جي ڊملوٽي واري کوهن مان پيئڻ جو پاڻي ملندو هو جيڪو پاڪستان جي قيام کان اڳ جا هي تاريخي کوهه آهن، سر سبز ۽ شاداب هي علائقو جيڪو ملير، درساڻو ڇنو، ڄام ڳوٺ، ڪاٺوڙ، گڏاپ شامل هو جڏهن ته پورٽ قاسم لڳ سسي جو باغ مشهور هو جنهن جي ايراضي هزارين ميٽر ڊگهي هئي. هي باغ ملير جي تاريخ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.

1980 واري ڏهاڪي کان هنن علائقن مان ڪراچي جي ترقي جي نالي ۾ ريتي بجري ۽ اعليٰ ڪوالٽي جو پٿر ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين بنا ڪنهن ساهي جي جاري آهي جڏهن ته ملير جي زراعت جو سڀ کان وڏو منفي اثر ملڪ جي سڀ کان وڏن اڏاوتي منصوبن ڊي ايڇ اي سٽي، بحريا ٽائون سميت سوين نئين جڙندڙ تعميراتي آبادين ذريعي پيا، ريتي جي تيزي سان نڪرڻ واري عمل سان زير زمين پاڻي 500 کان 1500 فٽ هيٺ هليو ويو، ريتي بجري جي نيڪالي ۾ جتي مافيائون شامل آهن اتي سنڌ پوليس سان جڙيل ڪيترائي ٿاڻا جن ۾ گڏاپ، مراد ميمڻ، اسٽيل ٽائون، شاهه لطيف شامل آهن جتي اڄ به ريتي بجري جي روڪٿام لاءِ ملير مان چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر بي وس بڻيل آهن.

ماضي ۾ ملير جي سياسي سماجي ڌرين پاران ريتي بجري جي نيڪالي خلاف تحرڪ ورتو جيڪو ڪنهن خاص سبب جيڪري اثرائتو ثابت نه ٿيو، تازو ملير جي هڪ خاص شخصيت پنهنجي نالي نه ظاهر ڪرڻ جي شرط سان عوامي آواز کي ٻڌايو ته گڏاپ وارو علائقو ريتي بجري جي نيڪالي لاءِ بااثر پوليس آفيسرن جي سرپرستي هيٺ ڏينهن رات ريتي بجري پٿر ۽ قيمتي معدنيات ڪڍائي وڃي ٿي ۽ ريتي نجري جا ڊمپر ۽ ڳري مشينري سبب ڪيتريون ئي انساني جانيون حادثن ۾ ضايع ٿيون آهن مقامي سطح تي هن عمل خلاف ڪنهن به بااثر سياسي شخصيت جنهن ۾ چونڊيل نمائندا پڻ شامل آهن جن جي نه ٿي ٻڌي وڃي، ماضي ۾ ريتي بجري جي خلاف عبدالحڪيم بلوچ ۽ اڳوڻي ايم پي اي شهيد عبدالله مراد ايوانن ۾ ريتي بجري جي غيرقانوني نيڪالي خلاف ايوان ۾ آواز اٿاريو اڄ به قانون جا دستاويز ان ڳالهه جا شاهد آهن ته ملير جي قدرتي آبي ننگن ملير ندي سکان ندي، کار ندي، ٿڌو نالو سميت به درجن کان مٿي ننڍن وڏين قدرتي آبي ندين مان ريتي بجري جي نيڪالي خلاف قلم 144 لاڳو آهي پر هتي حيرت جي اها ڳالهه آهي ته شاهراهه ڀٽو جيڪو ملير ندي جي ڪنڌي مٿان انصاري پل ڊي ايڇ اي سٽي کان ويندي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ڪورنگي ڪراسنگ  تائين ٺهيو آهي جنهن ۾ خام مال جو 90 سيڪڙو ملير ندي جي ريتي استعمال ڪئي وئي آهي.

تازو پاڻي جي صورتحال بابت پاڻي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جنهن تيز رفتاري سان ملير مان ريتي بجري ۽ قدرتي معدنيات کي ڪڍيو وڃي ٿو ته ايندڙ 10 سالن ۾ ملير جيڪو سمنڊ ڪناري ابراهيم حيدري کان شروع ٿئي ٿو ضلعي ڄامشوري جي حدن کان ٿيندو بلوچستان جي حب چوڪي کي لڳي ٿو ان سموري علائقي ۾ مڪمل طور تي زراعت ختم ٿي ويندي ۽ پاڻي جا زير زمين خزانا پنهنجي پڄاڻي تي پهچندا، ريتي بجري جي نڪرڻ سبب جتي هزارين ايڪڙ زرعي زمين بنجر ٿي وئي اتي زراعت سان وابسطا هزارين زرعي ورڪر، زميندار، هاري ناري بيروزگار ٿيا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن مان ڳوٺن جا ڳوٺ لڏپلاڻ ڪري روزي روٽي لاءِ شهرن ڏانهن رخ ڪيو آهي اتي جانورن جن ۾ مشهور مليرائي ڳئون، ٻڪر، رڍون ۽ گڏاپ جي علائقي نيشنل کيرٿر پارڪ مان خوبصورت هرڻ ۽ جابلو جانور تيزي سان ختم ٿيندا پيا وڃن جن ۾ هن وقت فقط نيشنل کيرٿر پارڪ جي مرڪز ۾ کار سينٽر ۾ ڪجهه ناياب نسل جا هرڻ پکي ۽ ٻيا جانور بچيا آهن، هن قدرتي ماحول ۾ بگاڙ يا جنهن کي موسمياتي تبديلي جو نالو ڏجي ٿو تنهن جو مک ڪارڻ ريتي بجري جي نيڪالي آهي.

ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمي تبديلين کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته وڌ کان وڌ وڻڪاري ڪئي وڃي ته جيئن قدرتي آفتن، موسمن جي اٿل پٿل کي قدرتي وڻ ئي بچائي سگهن ٿا هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو جنگي بنيادن تان ملير سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ آبي زخيرن ۽ سر سبز علائقن کي بچائڻ لاءِ غيرقانوني طور تي نڪرندڙ معدني خزانن کي بچائڻ لاءِ تحرڪ وٺن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.