سکر بئراج: قومي زرعي حياتيءَ جو محافظ، جديد بحاليءَ جي گھر

رحمت الله ٻرڙو

سنڌ جي زرعي حياتي،معاشي ڍانچي ۽ سماجي استحڪام جو سڀ کان اهم نمونو جيڪڏهن ڪنهن هڪ تعمير کي چئجي ته اهو بيشڪ سکر بئراج آهي. 1932ع ۾ برطانوي دور حڪومت دوران تعمير ٿيل هي عظيم الشان بئراج، جيڪو اڳ ۾ لائڊ بئراج جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، اڄ به سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين کي آباد ڪرڻ جو بنيادي ذريعو آهي. هن بئراج مان نڪرندڙ ست وڏا ڪئنال، ليفٽ بئنڪ ۽ رائيٽ بئنڪ تي سنڌ جي اتر کان ڏکڻ تائين زرعي معيشت کي زندگي بخشين ٿا.

پر هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصو گذرڻ کان پوءِ، فطري طور ڪيترائي ٽيڪنيڪي، مڪينيڪل ۽ سول ورڪ سان لاڳاپيل سوال سامهون اچن ٿا. بئراج جا دروازا، جيڪي درياهه جي وهڪري کي ضابطه ۾ رکڻ لاءِ اهم حيثيت رکن ٿا، پنهنجي مقرر ڪيل زندگيءَ کان گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن.ڪيترن دروازن ۾ ڪمزوري پيدا ٿي آھي، ڪي مڪمل طور تي ناڪاره ٿيا ۽ ڪي وري ان لارج يا ٻيهر تعمير ڪرڻ جي مرحلي مان گذريا.اها صورتحال فقط مرمتي ڪم سان حل ٿيڻ جهڙي ناهي. اها هڪ جامع،سائنسي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جي گهر ڪري ٿي.

ٽيڪنيڪل ۽ مڪينيڪل چئلينجز:

بئراج جي دروازن جي جوڙجڪ اسٽيل ۽ ڳري مڪينيڪل نظام تي ٻڌل آهي،جيڪي وقت سان گڏ زنگ، دٻاءَ، سلٽ ۽ وهڪري جي شدت سبب ڪمزور ٿين ٿا. جڏهن ڪو دروازو پنهنجي ڊيزائن لائيف کان اڳتي وڌي وڃي ٿو، ته ان ۾ نه رڳو ٽٽڻ جو خطرو وڌي ٿو پر وهڪري جي صحيح ماپ ۽ ڪنٽرول به متاثر ٿئي ٿو.اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن هنگامي مرمت ڪئي وڃي ٿي ته اهو عارضي حل ته ٿي سگهي ٿو، پر مستقل تحفظ لاءِ مڪمل اپ گريڊيشن ضروري آهي.

ساڳي وقت سول ورڪ جهڙوڪ بئراج جا بنياد، فرش، اسٽرڪچر ۽ بند به مسلسل پاڻيءَ جي دٻاءَ ۽ سلٽ جي وهڪري سبب متاثر ٿين ٿا.جيڪڏهن بنيادي ڍانچي ۾ معمولي دراڙ به پيدا ٿئي ٿي ته اها مستقبل ۾ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي۔ان ڪري ضروري آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي اسٽرڪچرل هيلٿ مانيٽرنگ سسٽم نصب ڪيا وڃن،جيئن هر تبديليءَ کي وقت سر محسوس ڪري سگهجي.

واهن ۽ ڪئنالن جي دروازن جي صورتحال:

سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن جا هيڊ ريگيوليٽر ۽ دروازا به لڳ ڀڳ ساڳئي عمر جا آهن۔ اهي ڪئنال روهڙي، نارا ڪئنال، خيرپور فيڊر، دادو، رائيٽ بئنڪ ۽ ٻيا،سنڌ جي زرعي رڳن وانگر آهن.جيڪڏهن انهن مان ڪنهن هڪ جي دروازي ۾ به خرابي اچي ٿي ته هزارين ايڪڙ زمين متاثر ٿي سگهي ٿي.

هن پس منظر ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اسان اڃا به پراڻي ميڪانيزم تي ڀاڙينداسين يا جديد خودڪار نظام ڏانهن وڌنداسين؟ دنيا جا ڪيترائي ملڪ پنهنجن آبپاشي نظامن ۾ ريموٽ ڪنٽرول گيٽس، ڊيجيٽل فلو ميٽرز ۽ ريئل ٽائيم ڊيٽا مانيٽرنگ سسٽم استعمال ڪري رهيا آهن. سنڌ جهڙي زرعي صوبي لاءِ به اهڙا قدم کڻڻ وقت جي ضرورت آهن.

قومي ورثو ۽ معاشي اهميت:

سنڌ جي زرعي پيداواريت، ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جهڙين فصلن جو وڏو دارومدار هن نظام تي آهي۔ جيڪڏهن بئراج جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي ته ان جو سڌو اثر قومي معيشت تي پوي ٿو. انهيءَ ڪري بئراج جي بحالي صرف سنڌ جو مسئلو ناهي، پر قومي ذميواري آهي.وفاقي حڪومت،سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کي گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ گهرجي. هن سلسلي ۾ عالمي مالياتي ادارن جهڙوڪ ورلڊ بينڪ ۽ ايشين ڊيولپمينٽ بينڪ کان فني ۽ مالي سهڪار حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيئن اڳ به آبپاشي منصوبن ۾ ڪيو ويو آهي.

ماهرن جي خدمتن جي ضرورت:

ضروري آهي ته مقامي ۽ پرڏيهي ماهر آبپاشي انجنيئرز، هائيڊرولاجسٽس ۽ اسٽرڪچرل اسپيشلسٽس کي شامل ڪيو وڃي. هڪ جامع ٽيڪنيڪل آڊٽ، جنهن ۾ سول،مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل حصن جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي جيڪا ھن وقت جي اهم گهرج آهي. اهڙي آڊٽ کان پوءِ مرحليوار اپ گريڊيشن پلان تيار ڪري سگهجي ٿو. جنهن ۾ سڀني دروازن جي مڪمل مٽاسٽا يا جديد گيٽس جي انسٽاليشن،بندن جي مضبوطي ۽ فلڊ پروٽيڪشن اپ گريڊيشن، ڊيجيٽل مانيٽرنگ ۽ ڪنٽرول سسٽم، باقاعده مينٽيننس فنڊ جو قيام.

اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته هڪ صدي اڳ جو ٺهيل نظام پنهنجي وقت جو شاهڪار ضرور هو، پر اڄ جي موسمي تبديلي، وڌندڙ آبادي ۽ زرعي ضرورتن جي تناظر ۾ نئين سوچ گهرجي۔ جيڪڏهن اڄ جامع بحاليءَ جو عمل شروع نه ڪيو ويو ته مستقبل ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي سگهي ٿو.

سکر بئراج سنڌ جي زرعي ساهه آهي ۽ ان جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته وفاق سان گڏجي هڪ ماسٽر پلان تيار ڪري، عالمي ادارن سان رابطو ڪري، ۽ شفاف طريقي سان فنڊنگ ۽ عملدرآمد کي يقيني بڻائي. اهڙي ريت نه رڳو هن قومي ورثي کي محفوظ رکيو ويندو، پر ايندڙ نسلن لاءِ به زرعي خوشحاليءَ جو بنياد مضبوط ڪيو ويندو.

وقت جو تقاضو آهي ته سکر بئراج کي رڳو مرمت نه، پر جديد دور جي گهرجن مطابق ٻيهر جيئاريو وڃي.ڇو ته جيڪڏهن پاڻيءَ جو نظام محفوظ آهي ته سنڌ جي زمين به زرخيز رهندي، ۽ ملڪ جي معيشت به مضبوط ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.