”وڇوڙي جو وار آيو ايڏو اوچتو“

عمر سومرو

ڊاڪٽر آڪاش انصاري (اصل نالو: الله بخش انصاري) هو سنڌ جو نامياري شاعر، اديب ۽ دانشور هو. هن 25 ڊسمبر 1956ع ۾ بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ جنم ورتو. سندس والدہ جنت خاتون پڻ هڪ لوڪ سگهڙ ۽ لطيف جي حافظه هئي. ڊاڪٽر آڪاش پرائمري، مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ 1984ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪيو. هن 2002ع ۾ رورل ڊولپمينٽ ۾ ايم اي ڪئي ۽ 2004ع ۾ ايسٽرن واشنگٽن يونيورسٽي آمريڪا مان جديد تعليمي سرشتن ۾ ڊپلوما حاصل ڪيو. هو شروعات ۾ عوامي تحريڪ جو باني اڳواڻ هو بعد ۾ هن پنهنجي طريقي سان سياسي، سماجي، صحافتي ،۽ ادبي  مورچن سان سنڌ جي ماروئڙن لاءِ هر هڪ شعبي ۾ جدوجهد جا جوهر ڏيکاريا استاد محمد يوسف، صادق فقير، سرمد سنڌي، صنم ماروي ۽ ٻين ڪيترن ئي ناليوارن ۽ نوجوان راڳين سندس شاعري کي ڳايو ۽ ڳايو وڃي ٿو.

ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ڪيئن رهان جلاوطن“ (اٺ ايڊيشن)، ”اڌورا اڌورا“ (چار ايڊيشن) ڇپجي چُڪا آهن، جن مان چونڊ نظمن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو: An Elegy for the brave hearts of tomorrow (2021) جي عنوان سان ڊاڪٽر سحر گل ڪيو آهي. هن بدين جي ساحلي علائقي ۾ تعليم ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ لاءِ هڪ سماجي تنظيم ”بدين رورل ڊيولپمنٽ“ ٺاهي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن جي ٺاهيل جديد اسڪولن مان هن وقت ٻن اسڪولن کي هاءِ اسڪولن جو درجو ملي چُڪو آهي.

14 فيبروري محبت جي عالمي ڏينهن کان هڪ ڏينهن بعد 15 فيبروري 2025ع تي ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ کان وڇڙي ويو. سندس موت کي شروعاتي طور تي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ قرار ڏنو ويو، پر بعد ۾ پوليس جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪيو ويو هو. سندس هنج ورتل پٽ لطيف انصاري کي قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ 27 جنوري2026 تي عدالت طرفان موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي پر مون سميت ڊاڪٽر آڪاش انصاري صاحب سان محبت ڪندڙن ماڻهن کي اهو خدشو ستائيندو رهي ٿو ته ايڏي وڏي شخصيت کي هنج ورتل پٽ رڳو ملڪيت يا انتقامي سوچ جي ڪري قتل نه ٿو ڪري سگهي يا کيس قتل لاءِ سهولت ڪاري ڪرائي وئي هجي ڊاڪٽر صاحب جي قتل پويان ٻيا معاملا به ٿي سگهن ٿا.

پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان بي پناهه محبت ۽ پيار ڪندڙ ماڻهن مان ڊاڪٽر آڪاش انصاري  جو نالو به  هڪ اهڙي روشن چمڪندڙ ستاري جيان آهي جنهن جي روشني  پنهنجي دور ۾ ئي نه، پر ايندڙ نسلن لاءِ به راهه جا ڏيئا بڻجندي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري اهڙن ئي ماڻهن مان هو سندس شخصيت، شاعري ۽ فڪر سنڌي ادب ۾ هميشه روشني وانگر رهندي. اڄ، سندس پهرين ورسيءَ تي دل ڳري آهي، پر فخر ۽ شڪر به آهي.

ڊاڪٽر آڪاش صرف شاعر نه هو، هو احساسن جو ترجمان هو. سندس شاعريءَ ۾ محبت، درد، اميد ۽ سماجي بي انصافيءَ جي خلاف آواز سڀ شامل هئا. هو لفظن سان رڳو شعر نه لکندو هو، پر انهن ۾ روح ڀري ڇڏيندو هو. سندس هر شعر پڙهندڙ جي دل سان ڳالهيون ڪندو هو، تنهن ڪري سندس لفظ صرف ڪتابن تائين محدود نه رهيا، پر ماڻهن جي زبان، دل ۽ يادگيرين جو حصو بڻجي ويا آهن.

سندس شاعري سادي پر گهري هئي. جڏهن هو محبت بابت لکندو هو ته اهڙي لڳندي هئي ڄڻ محبت پاڻ ڳالهائي رهي هجي. ”الئه ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون“ وغيره شامل آهن جڏهن هو سماجي ظلم، جبر يا اڻبرابري جي باري ۾ لکندو هو ته سندس لفظ باهه ۽ سچائي سان ڀرپور هوندا هئا.

ڊاڪٽر آڪاش هڪ علمي شخصيت پڻ هو. هن تعليم، تحقيق ۽ تدريس ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو، پر ڪڏهن به علم کي غرور نه بڻايو. هو نهايت سادو، ملڻسار ۽ محبت ڪندڙ انسان هو. نوجوان شاعرن لاءِ هو استاد به، دوست به ۽ همت وڌائيندڙ به هو. ڪيترائي اڄ قلم سان لکندا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن وقت آڪاش صاحب کين چيو: ”لکندا رهو، توهان جا لفظ قيمتي آهن.“

سندس اوچتو وڇوڙو اسان لاءِ وڏو صدمو هو. پر وڏا ماڻهو جسماني طور وڃڻ کان پوءِ به پنهنجن لفظن، فڪر ۽ اثر جي ذريعي زندهه رهندا آهن. اڄ، سندس پهرين ورسيءَ تي اسان جو فرض آهي ته سندس ڏنل فڪري ورثي کي اڳتي وڌايون. سندس شاعري پڙهون، پڙهايون ۽ پنهنجي زندگي ۾ سچ، محبت ۽ همت کي جاءِ ڏيون، ڇاڪاڻ ته اهي ئي سندس بنيادي پيغام هئا.

ڊاڪٽر آڪاش انصاري صاحب اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر هو ختم ناهي ٿيو. هو هر ان دل ۾ زنده آهي، جيڪا سچ سان ڌڙڪندي آهي، هر ان زبان تي زنده آهي، جيڪا محبت جا لفظ ادا ڪري ٿي، ۽ هر ان قلم ۾ زندهه آهي، جيڪو بي ڊپ ٿي لکڻ چاهي ٿو ڊاڪٽر آڪاش، اوهان کي سلام. اوهان جو لفظ، اوهان جو فڪر، هميشه اسان سان گڏ رهندو.

15 فيبروري 2025 تي ڊاڪٽر آڪاش جي دردناڪ ۽ اوچتي وڇوڙي تي مون کان 17 فيبروري تي لفظن جي ڀيٽا لاءِ هي سٽون لکجي ويون:

ڊاڪٽر آڪاش نه رڳو سنڌ جو شاعر هو

پر ننڊ ۾ پيل قوم کي جاڳائڻ جو فائر هو

هو پيار، محبت ۽ انقلاب جو قائل هو

تڏهن ته هر ماڻهو ان ڏانهن  مائل هو

ڊاڪٽر آڪاش نه رڳو سنڌ جو شاعر هو

پر ننڊ ۾ پيل قوم کي جاڳائڻ جو فائر هو

گيتن نظمن شعرن،۽ تقريرن وسيلي

جاڳائيندڙ جنوني جاني کي جلايو ويو

سنڌ کي ڪري ويو هاڻ هو سوڳوار

دشمن ٻڌندو سدائين هن جي للڪار

ڊاڪٽر آڪاش نه رڳو سنڌ جو شاعر هو

پر ننڊ ۾ پيل قوم کي جاڳائڻ جو فائر هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.