گذريل سال چؤماسي جي برساتن هونئن ته سڄي سنڌ جي روڊن کي متاثر ڪيو هو پر سڀ کان وڏو نقصان ڪراچي جي علائقن جي اندرين روڊن کي ٿيو هو. ان کانپوءِ ٽي ڀيرا انهن ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت لاءِ فنڊ ڏيڻ جو اعلان ٿي چڪا آهي جنهن معاملي تي پاڻ هڪ ايڊيٽوريل به لکيو هو ته آخر ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت لاءِ اعلانيل اهي پئسا وڃن ڪيڏانهن ٿا؟ ان سوال جو جواب ڪالهه پ پ سان لاڳاپيل ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڏنو ته اهي پئسا ڪيڏانهن ناهن ويا پر اڪائونٽ ۾ پيل آهن. انهيءَ جواب تي وري سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته آخر اهي اعلانيل پئسا ڪڏهن ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت تي خرچ ٿيندا ۽ ڪيستائين اهي اڪائونٽ ۾ پيل هوندا.
ڪراچيءَ کي ڏسجي ته هڪ ته روڊن جي وڏن ترقياتي ڪمن جهڙوڪ فلاءِ اوور پلن ۽ انڊر پاس پلن لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جو سڄو روڊ، منور چورنگي جي روڊ ۽ ملير ڪينٽ تي ڪم هلي رهيو آهي جن کي مڪمل ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه سال لڳندا. ان ڪري پنهنجو تڏهن ئي اهو خيال هو ته پ پ جي سنڌ حڪومت کي هڪ ئي وقت وڏن ترقياتي منصوبن لاءِ سڀ روڊ کوٽڻ نه گهرجن پر حڪومت چيو نه مڃيو ۽ هڪ ئي وقت وڏن ترقياتي منصوبن لاءِ انتهائي مصروف ترين ڪراچي يونيورسٽي وارو روڊ جيل چورنگي کان موسمات جي علائقي تائين کوٽي ڇڏيو آهي جنهن ڪري ٽن سالن کان يونيورسٽي جهڙو مصروف روڊ کوٽيو پيو آهي ۽ انتهائي سست رفتاريءَ سان ڪم هلي رهيو آهي جنهن نتيجي ۾ ٽريفڪ جو وهنوار ۽ عوامي سفر ناقابل برداشت عذات ۽ آزار کي ڀوڳي رهيو آهي، رستن جي کوٽائي سبب ان اهم ۽ مصروف ترين روڊ تي هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪارون، بسون، ڪوچون، رڪشائون، ٽيڪسيون، ٽينڪر جون وڏيون گاڏيون ٽرالر ۽ ايمبولينسون ڦاٿل رهن ٿيون. اهڙي شديد ترين ٽريفڪ جام ۾ پوءِ اڪثر مسافرن کان ڦرون به ٿينديون آهن.
پر مجال آهي جو حڪومت کي ان تڪليف جو احساس ٿئي. اهڙي صورتحال ملير ڪينٽ واري روڊ جي به ڪافي سالن کان رهي اهي جو اتي به اڃان ڪم مڪمل نه ٿيو آهي. ملير ڪينٽ کان ٿورو اڳتي ملير هالٽ جي روٽ ڏانهن وڃبو ته ماڊل ڪالوني کان اڳتي ملير هالٽ تائين سڄو روڊ سيوريج جي لائين جي مرمت لاءِ مڪمل طور تي کوٽيل ملندو ۽ ان روڊ تي به ٻن سالن کان ترقياتي ڪم پورو نه ٿي سگهيو آهي. هوڏانهن منور چورنگي وارو روڊ به انڊر پاس ڪري کوٽيو پيو آهي ۽ اتي به سست رفتاري سان ڪم هلي رهيو آهي. هاڻي بهتر روڊ پاڻ کي رڳو شاهراهه فيصل جو ملي ٿو پر يونيورسٽي روڊ جي کوٽجڻ سبب ٽريفڪ جو دٻاءُ شاهراهه فيصل تي پڻ پئي ٿو جنهن ڪري اها شاهراهه به اڪثر ڪري شديد ٽريفڪ جام جو شڪار نظر ايندي آهي.اهو به ممڪن هو ته جيڪڏهن سڄي يونيورسٽي روڊ تي ڊگها ترقياتي مدي وارا ڪم ڪرڻا هيا ته ٿوري ٿوري روڊ تي اهو ڪم ڪجي ها. ان حوالي سان ٻاهرين ملڪن جي روڊن، فلاءِ اوورز ۽ انڊر پاسن تي ٿيندڙ ڪمن کي به ڏسڻ گهرجي ته اهي اهڙا ڪم ڪيئن ڪندا آهن سو انهن ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪندڙ عملدارن ۽ ٺيڪيدارن کي جديد دور ۾ جديد انداز سان ڪم ڪرڻ جي اهليت پڻ حاصل ڪرڻي پوندي.
هاڻي انهن ڀڳل ٽٽل روڊن تي ٿا ڳالهايون جن کي گذريل سال جي چؤماسي وارين برساتن تباهه ڪيو آهي اهي ڪراچي جي مختلف علائقن جا اندريان روڊ آهن جن مان هڪ مثال ڪراچي جي ڀٽائي آباد ۽ پهلوان ڳوٺ جي وچ وارو ڊبل روڊ آهي جيڪو ڪجهه سال اڳ اڃان مس ئي ٺهيو هو ته وري گذريل سال جي برساتن ان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. وري اتي جيڪڏهن سيوريج جو پاڻي بيهي ٿو ته سڄو علائقو تلاءُ بڻجي وڃي ٿو، ان صورت ۾ پوءِ هر قسم جي گاڏي روڊ جي کڏن ۾ ڦاسي پئي ٿي. اهڙا مثال شهر جي هر علائقي جي اندرين روڊن ۾ ملن ٿا.
سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪراچي جي ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت لاءِ جيڪي فنڊ اعلانيل آهن سي مهرباني ڪري بينڪ اڪائونٽ مان ڪڍي انهن مان هنگامي بنيادن تي ڀڳل روڊن جي مرمت ڪرائي وڃي. پهريون اها دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ٽن مهينن اندر اوهان کي ڀڳل ٽٽل روڊ مرمت ٿيل ملندا پر ڇهن مهينن کان برساتن وارن متاثر ٿيل روڊن تي ڪم نه ٿي سگهيو آهي. حڪومت پاڻ اهو چيو هو ته ڀڳل ٽتل روڊن جي سروي ٿي چڪي آهي جن جو تعداد سون ۾ آهي هاڻي اندازو لڳايو ته مک وڏن روڊن کان علاوه به ڪراچي جي علائقن جا اندريان سوين روڊ ڀڳل ٽٽل هوندا ته عوام جو حشر ڇا ٿيندو هوندو. پوءِ ته مخالف ڌر ۽ پ پ جي سنڌ حڪومت جا سياسي دشمن حق تي آهن نه ته پ پ جي حڪومت ڪراچي جي روڊن کي به لاڙڪاڻي جي ڀڳل ٽٽل روڊن جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ لاڙڪاڻي جي رودن تي جيئن گٽرن جو پاڻي تلاءُ بڻيل نظر ايندو آهي تيئن ڪراچي جي روڊن تي به گٽرن جو پاڻي بيٺل نظر اچي ٿو.
پ پ جي سنڌ حڪومت کي اهڙي قسم جي بدنامي کان بچڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪراچي جي سڀني ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت لاءِ ڪم ڪرائڻ گهرجي ۽ ڊگهن ترقياتي منصوبن کي به ترت اڪلائڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي.