دردن جو ماريل عوام ۽ مين اسٽريم ۾ رهڻ جو نشو!

شاهه محمد مري

اسان جي وطن ۽ ان جي چوڌاري اڻ ڳڻيا ۽ دل ڏاريندڙ هولناڪ درد موجود آهن، جبلن جيڏا، اڻکٽ، گهرا ۽ بيان کان ٻاهر اذيت ناڪ درد. اهڙا فڪري ۽ جسمي زخم، جيڪي ڀرڻ جو نالو نٿا وٺن. لاشن ۽ ميتن جو درد، اهڙا ڳوڙها، جيڪي ڏک گهٽائڻ ۾ ناڪام آهن ۽ اهڙيون آهون، جيڪي ست آسمان پار ڪري به اڻ جوابيل موٽي اچن ٿيون.

مانيءَ جو اونو، جيڪو سخت محنت باوجود هٿ نٿو اچي. عزت جو درد، جيڪو سماج کان رُسي چڪو آهي. تحفظ، جيڪو هاڻي رهيو ئي ناهي. آزاديءَ جو الميو، جيڪو نه ڳالهائڻ ۾ آهي، نه لکڻ ۾، نه تنظيم سازي ۾. فاشزم جي لاڳو ڪيل خوف انسانن کي ڄڻ اصطبلن جي مخلوق بڻائي ڇڏيو آهي. پوري سماج جي بيماريءَ جو اهو درد، جيڪو ذلت جي کوهه ۾ ڪري پيو آهي ۽ جنهن جو ڪو حڪيم يا فلسفي علاج نٿو ڪري سگهي.

سماج هر فرد کان گهر ڪري رهيو آهي ته هو هن معاشي، سياسي ۽ سماجي بحران جي ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پر مٿيون معاشي ۽ سياسي طبقو مڪمل طور بي پرواهه آهي. کيس نه ملڪيت وڃائڻ جو انديشو آهي، نه خطري جو احساس. بلڪه اهو پاڻ ئي بحران پيدا ڪندڙ ڪارخانو بڻيل آهي. هيٺيون محنت ڪش طبقو سماجي شعور کان خالي ۽ تنظيم سازيءَ کان محروم، روزمره جي مسئلن ۾ غرق آهي. سرمائيدارن کيس وندرائڻ ۽ الجهائڻ لاءِ هزارين طريقا ايجاد ڪيا آهن. کيس اهڙو مفلوج عضوو بڻايو ويو آهي، جنهن مان رڳو فرقيوارا جلوس ئي ڪڍرائي سگهجن ٿا. بورزوا ۽ رجعت پسند پارٽين ليبر ونگ قائم ڪري مزدورن کي پنهنجي اڳواڻن جي سالگرهن تي ڪيڪ ڪاٽڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.

رهجي ويو وچولو طبقو، اهو خوف، عدم تحفظ ۽ غير يقينيءَ جي بحرالڪاهل ۾ ٻڏل آهي. هن طبقي ۾ ٽي وي چينلن جا موقعي پرست اينڪر، اعليٰ تعليمي ادارن جا چوغابردار پروفيسر، رجعت ۾ ڦاٿل وڪيل ۽ جج، داد ۽ تحسين جا بکيا شاعر، اديب، ٽيڪنوڪريٽ ۽ سياستدان شامل آهن. سائنسدان هجي يا دڪاندار، مولوي هجي يا دانشور، گهڻو ڪري سڀ وچولي طبقي سان لاڳاپيل آهن. لڳي ٿو ڄڻ هي طبقو خوف جي گاري ۽ پاڻيءَ مان ٺاهيو ويو هجي. اسٽيٽس ڪو سان مجرماڻي سمجهوتي هن طبقي کي اهڙي خاموشيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن عقل ۽ شعور جي دروازن کي به جهڪائي ڇڏيو آهي.

هن طبقي جو سڀ کان وڏو خوف ”حاشيي تي هلي وڃڻ“ جو خوف آهي. اڪيلائيءَ جو خوف. اهو خوف سندس لاءِ موت کان به وڏو آهي. جيڪڏهن هو پاڻ کي انقلابي سڏي به، ته به نظام جي اندر رهندي انقلاب ڪرڻ جو خواهشمند رهي ٿو. ”عوام سان گڏ رهڻ“ جي دعويٰ ڪندي هو ظاهري جهالت جو لبادو اوڍي ٿو. هو نه رڳو رجعت کي هٿي ڏئي ٿو، پر ان جا نوان فرق به ٺاهڻ ۾ مددگار بڻجي ٿو. هو بدمعاش کي هيرو ۽ قاتل کي نجات ڏيندڙ بڻائي پيش ڪري ٿو ۽ وهمن کي به رد ڪرڻ بدران قبول ڪري ٿو.

اڪيلائيءَ کان بچڻ لاءِ هو وهڪري سان گڏ وهي ٿو. اين جي اوز ۾ پناهه وٺي ٿو، جتي جمهوريت، سيڪيولرزم، لبرلزم ۽ ليِفٽ ونگ جهڙن مبهم عنوانن تي سيمينار ٿين ٿا. پنهنجي قلم، ضمير ۽ تحقيق جي قيمت تي هو ”مين اسٽريم“ سان چنبڙيل رهي ٿو. سول سوسائٽي جو نالو کڻي سامراجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائي ٿو. اهڙي روش سبب روشن فڪر ميدان سوڙهو ٿي ويو آهي. انگريزي اصطلاحن ۽ ڪارپوريٽ دنيا جي پروپيگنڊا مان نڪرندڙ نون لفظن جي بيجا استعمال هن طبقي کي فڪري تباهيءَ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ڪا به چٽپٽي اصطلاح مارڪيٽ ۾ اچي ته هي نشئي طبقو بي اختيار ان ڏانهن ڊوڙي ٿو. نتيجي طور ساڄي ڌر جي پارٽين کي به کاٻي ڌر جو ليبل ڏئي ڇڏين ٿا. جڏهن ڪو ڪتاب ڇپائي ٿو ته ان جي ارپنا ڪنهن بااثر ۽ منافع بخش شخصيت جي نالي ڪري ٿو. فائيو اسٽار هوٽلن ۾ تقريبون ڪرائي، وزير اعليٰ کي مهمانِ خصوصي بڻائي ”مين اسٽريم“ جي سند حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انا ۽ عزت نفس کي گروي رکي طاقتور ڌرين جي خوشنودي حاصل ڪرڻ کي ڪاميابي سمجهي ٿو.

طبقاتي سماج ۾ ”مين اسٽريم انسان“ اصل ۾ اهو آهي، جنهن جي من ۾ پنج ستارا هوٽل ۽ دعوتي ڪارڊ جي ڀرمار هجي. هڪ پاسي انسانيت جا سسڪندڙ مسئلا آهن، ٻئي پاسي اهي جامد ۽ ساکت روح آهن، جيڪي وقت ۽ حالتن مطابق انقلابي به بڻجن ٿا ۽ روئڻ به ڄاڻن ٿا.

ڪارپوريٽ خرچ تي ٿيندڙ اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت، تحفا ڏي وٺ، واپسيءَ تي سفرنامو يا ڪالم، ۽ سي وي ۾ نئين ملڪ جو اضافو ــ سڀ ڪجهه ”پي آر“ جي نالي سان جائز قرار ڏنو وڃي ٿو. اصل مسئلن کان لاتعلق مبهم موضوعن تي تقريرون ڪيون وڃن ٿيون، جڏهن ته سماجي درد پسمنظر ۾ رهجي وڃي ٿو.

سرمائيداري نظام ۾ صحيح رستو آخر ڪٿي آهي؟ ”مين اسٽريم“ جو نشو مارجنلائيزيشن جو خوف ختم نٿو ڪري. اهڙا اجتماع اصل ۾ هڪ ”گيٽ ٽو گيذر ڪلب“ بڻجي چڪا آهن، جتي فڪري آزاديءَ بدران ڪارپوريٽ ايجنڊا کي هٿي ملي ٿي. هاڻي هن مين اسٽريم دانشور طبقي کي اها به مهارت اچي وئي آهي ته هو عوامي هيروز کي بي ضرر بڻائي پيش ڪري. تاريخي شخصيتن جي فڪري ورثي کي سيمينارن ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري، پوءِ ايندڙ تقريب لاءِ ٻي ڪنهن فڪري ”ميت“ جي ڳولا ڪئي وڃي ٿي.

اهڙي فڪري رويي سان نه سماج جو درد گهٽجي ٿو، نه شعور وڌي ٿو. ”مين اسٽريم بڻيل رهڻ“ جو هي نشو دراصل فڪري بي حسيءَ جو ٻيو نالو آهي ۽ باوقار درد کان ناواقف اهڙو دانشور سماج لاءِ رهنمائيءَ بدران رنڊڪ بڻجي وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.