چونڊن کانپوءِ بنگلاديش نئين دور ۾ داخل يا نئين آزمائش؟

بنگلاديش ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل چونڊن کان پوءِ سياسي منظرنامو هڪ نئين موڙ تي بيٺل نظر اچي ٿو. نوجوانن جي اها عوامي تحريڪ، جنهن اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان اقتدار ڇڏائي ڀارت ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ڪيو ۽ ملڪ جي سياست کي بنيادي طور بدلائي ڇڏيو هو. سا نوجوانن جي تنظيم هن چونڊ ۾ ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي. نوجوانن جي ان تحريڪ جو مرڪز بي روزگاري، مهانگائي، آمرانه حڪمراني، سياسي جمود ۽ ادارن جي ڪمزوري هو، جنهن نوجوان نسل کي اجتماعي طور روڊن تي آڻي بيهاريو. اهو انقلاب ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جي قيادت هيٺ نه هو، پر جماعت اسلامي جي نوجوان ونگز، نيشنل سٽيزن پارٽي جي سرگرم اڳواڻن ۽ جنريشن زي جي ڪارڪنن ان کي منظم شڪل ڏني۔ شهري سماجي تنظيمن ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ بنگلا ديشي برادرين به جمهوري تبديلي جي آواز کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو. پر چونڊ نتيجن مان ظاهر ٿيو ته اهي ئي قوتون، جيڪي انقلاب جي اڳين صف ۾ هيون، پارلياماني سياست ۾ متوقع ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيون. ان جي ابتڙ، بي اين پي، جيڪا ڪجهه وقت اڳ خالدہ ضياءُ جي علالت سبب سياسي طور ڪمزور نظر اچي رهي هئي، طارق رحمان جي واپسي سان ٻيهر منظم ٿي وئي. پارٽي جو ادارتي ڍانچو بحال ٿيو، روايتي ووٽ بينڪ سان گڏ نون حلقن تائين به رسائي وڌائي وئي.

جنرل ضياءُ الرحمان ۽ خالدہ ضياءُ جي سياسي وراثت سبب طارق رحمان کي عوامي سڃاڻپ ملي، جنهن کيس سياسي ميدان ۾ تيزي سان مضبوط ڪيو. جماعت اسلامي جيان بي اين پي کي نه ڪنهن وڏي پابنديءَ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ نه ئي تنظيمي بحران کي، جنهن سبب اها چونڊن ۾ برتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي۔ ان سان گڏ، ملڪي اسٽيڪ هولڊرز به سياسي استحڪام لاءِ بي اين پي کي هڪ مناسب متبادل سمجهيو، جيئن علائقائي ۽ عالمي دٻاءَ کي متوازن رکي سگهجي. هاڻوڪي حالتن ۾ بنگلاديش جي اسٽريٽجڪ پاليسي به بحث جو مرڪز بڻيل آهي.

شيخ حسينه واجد جي اقتدار مان نڪرڻ سان گڏ ملڪ جو سفارتي رخ آهستي آهستي تبديل ٿيو، جنهن ۾ چين، پاڪستان ۽ ترڪي سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ لڳا. هيءَ تبديلي انهن نوجوان تحريڪن لاءِ اطمينان جو سبب هئي، جيڪي ڀارت کي بنگلا ديش جي سياسي ۽ معاشي خودمختياري ۾ رنڊڪ سمجهنديون هيون۔ پر چونڊن کان پوءِ متوقع وزيراعظم طارق رحمان کي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان فوري مبارڪباد ملڻ، نون سوالن کي جنم ڏنو آهي۔ ڇا نئين حڪومت ڀارت سان لاڳاپا ٻيهر پراڻي سطح تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندي يا موجوده گهڻ رخي سفارتي پاليسي کي برقرار رکندي؟

اهم سوال اهو به آهي ته طارق رحمان جي حڪومت نوجوانن جي انهن اميدن تي ڪيئن پوري لهندي، جن جي تحريڪ بنگلا ديش جي سياست ۾ تبديلي جو بنيادي ڪارڻ بڻجي. جيڪڏهن معاشي سڌارا، روزگار جا موقعا ۽ جمهوري آزاديون مهيا نه ڪيون ويون ته عوامي بيچيني ٻيهر زور وٺي سگهي ٿي. جماعت اسلامي جهڙي منظم اپوزيشن ۽ نوجوانن جي متحرڪ تحريڪ نئين حڪومت لاءِ مسلسل دٻاءُ جو سبب بڻجندي. اهڙي صورتحال ۾ يا ته موجوده انقلاب پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو، يا وري عوامي انقلاب جو ٻيو دور جنم وٺندو. ايندڙ ڪجهه سال فيصلو ڪندا ته بنگلا ديش واقعي نئين سياسي دور ۾ داخل ٿيو آهي يا اڃا به تاريخ جي هڪ نئين آزمائش ڏانهن وڌي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.