سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي شاعرن اديبن قلم ڌڻين جي اها رضا ڪار تنظيم آهي جنهن جو ماضي جاچڻ جي لاءِ تاريخ جي ورقن کي اٿلائي پڙهڻ شروع ڪبو ته هيءَ سنڌ جي باشعور فردن جي تنظيم جنهن جو ماضي تمام گهڻو شاندار نظر ايندو هن جي مرڪزي عهديدارن کان وٺي شاخن جي عهديدارن تائين سموري سنڌ ۾ پنهنجو پاڻ ملهائيندا رهيا آهن، اهو ون يونٽ جو زمانو هجي جا وري ڪنهن آمر جو سنڌ جي مٿان وار هجي هي قلم ڌڻي اديب شاعر نه رڳو روڊ رستن تي احتجاج ڪندي ڏٺا ويا پر هر شهر واهڻ وستي ۾ ٿيندڙ ادبي پروگرامن ۾ ڀرپور نموني احتجاج ڪندا رهيا، ماضي ۾ سيڪريٽري جنرل رهندڙ شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، رشيد ڀٽي، شمس سومرو، غلام حسين رنگريز، يوسف سنڌي، تاج جويو، اياز گل، ادل سومرو، ڊاڪٽر ڊوالفقار سيال، مشتاق ڦل، احمد سولنگي کان وٺي هن وقت موجوده سيڪريٽري جنرل نور چاڪراڻي تائين هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. جنهن جي ڪري سڄي سنڌ اندر اها ڳالهه ڪئي ۽ لکي پڙهي وڃي ٿي ته سنڌ جي اديبن شاعرن جو ماضي شاندار رهيو آهي ۽ مستقبل سنڌ سميت سنڌي ادبي سنگت جو روشن ان ڪري آهي ته سنڌ جو ڪروڙن جي تعداد ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو پنهنجي ڌرتي ٻولي ثقافت سان پيار محبت ان حد تائين ڪري ٿو جو هن کي پنهنجي ڌرتي سان عشق هوندو آهي.
منهنجي خيال موجب سنڌ جي باشعور فردن جي هن تنظيم ادبي سنگت ۾ اهي ماڻهون هلي سگهن ٿا جن وٽ شعور هجي باقي بنا شعور جي هن تنظيم ۾ هلڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ان جو مک سبب اهو آهي ته نج ادبي تنظيم ۽ سابه رضاڪار جنهن ۾ سڀ ڪجهه اوهان کي پنهنجي کيسي مان ڪرڻو پوندو ۽ اهو سڀ ڪجهه مون گزريل 20 سالن کان هن تنظيم ۾ رهي ڏٺو آهي. گهوٽڪي کان ڪراچي، مٺي کان شهداد ڪوٽ تائين جيڪي به شاخون ۽ انهن جا نمائدا اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ايندا آهن ته انهن کي سمورو خرچ پنهنجي کيسي مان ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهي سنڌ جا باشعور فرد اهو سڀ ڪجهه سالن کان ڪندا اچن پيا.
اڄ 15 فيبروري تي حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ٿي رهي آهي. ان اليڪشن جي موجودهه سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ نورچاڪراڻي جي صحي سان جاري ڪيل ووٽرلسٽ موجب سنڌي ادبي سنگت سنڌ جون جملي 240 شاخون ڪم ڪن ٿيون سنگت جي آئين موجب هر هڪ شاخ مان سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر ٻه سنڌ ڪائونسل جا ميمبر آهن ان ڪري 440 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اليڪشن ۾ سال 2026۽ سال 2027 جي لاءِ هيٺيان عهديدار سيڪريٽري جنرل، جوائنٽ سيڪريٽري، عورت جوائنٽ سيڪريٽري خزانچي ۽ آڊيٽر سميت هر ضلعي جي لاءِ رابطا سيڪريٽري کي ووٽ ڪندا. جاري ڪيل لسٽ موجب ڪراچي ۾ 11 شاخون ٺٽو ۾ 7 شاخون سجاول ۾ 8 شاخون بدين ۾ 16 شاخون ٽنڊو محمد خان 3 شاخون حيدرآباد 5 شاخون ٽنڊو الهيار 4 شاخون ڄامشورو 7 شاخون مٽياري 9 شاخون ٿرپارڪر 7 شاخون ميرپورخاص 6 شاخون سانگهڙ 10 شاخون عمرڪوٽ 6 شاخون نواب شاهه 9 شاخون نوشهروفيروز 15 شاخون خيرپور24 شاخون داداو 13 شاخون لاڙڪاڻو 9 شاخون قمبر شهداد ڪوٽ 6 شاخون شڪارپور 9 شاخون جيڪب آباد 5 شاخون ڪشمور 6 شاخون سکر 14 شاخون گهوٽڪي 9 شاخون اسلام آباد 1 شاخ ۽ ڪئناڊا جي شهرٽورنٽو ۾ 1 شاخ هن وقت ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي سموريون شاخون 220 آهن. سنڌي ادبي سنگت جي آئين موجب هر هڪ شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر سنڌ ڪائونسل جا ميمبر هوندا جن کي پنهنجي شاخ جي نمائدگي ڪندي شاخ جا 2 ووٽ مرڪز ۾ بيٺل اميد وارن کي ڏئڻا آهن جنهن ڪري موجودهه سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جرنل نور چاڪراڻي موجب سنڌي ادبي سنگت جا 440 سنڌ ڪائونسل جا ميمبر اڄ 15 فيبروري آچر جي ڏينهن ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا ۽ ايندڙ ٻن سالن 26 ۽ 27 جي لاءِ سنڌي ادبي سنگت جي نئي باڊي چونڊيندا.
هن دفعي ٿيندڙ چونڊ ۾ ماضي مخالفن اڳوڻن سڪريٽري جنرلن ڊاڪٽرمشتاق ڦل ،تاج جويو،يوسف سنڌي پاران متفق طور تي سنڌ دوست پينل جوڙي گڏيل طور تي پنهنجا اميد وار بيهاريا آهن جن ۾ سيڪريٽري جنرل تي سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي گڏيل اميد وار بيٺل آهي جنهن جي مقابلي ۾ موجوده سنڌي ادبي سنگت جو جوائنٽ سيڪريٽري احساس ميرل سيڪريٽري جنرل تي آزاد اميد وار طور بيهي اليڪشن ۾ مقابلو ڪري رهيو آهي. جوائنٽ سيڪريٽري تي سنڌ دوست پينل جو گڏيل اميد وار ڀارو مل آمراڻي بيٺل آهي جنهن سان آزاد اميد وار طور تي ڊاڪٽر انور پرديسي مقابلو ڪري رهيو آهي عورت جوائنٽ سيڪريٽري تي سنڌ دوست پينل جي گڏيل اميدوار آهي گل بيبي شاهه جنهن سان مقابلو آزاد اميد وار طور تي ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ڪري رهي آهي. خزانچي جي عهدي تي سنڌ دوست پينل جو گڏيل اميدوار ستار هليو آهي جنهن سان مقابلو 2 آزاد بيٺل اميدوار آغا ظفر ۽ عيسيٰ ميمڻ ڪري رهيا آهن. آڊيٽر تي سنڌ دوست پينل جو گڏيل اميدوار مرتضيٰ ڦل آهي جنهن سان مقابلو 2 آزاد اميد وار سجاد ميراڻي ۽ شاهد حسين موسو ڪري رهيا آهن. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت جي اليڪشن دلچسپ صورت حال اختيار ڪري وئي آهي. سنڌ دوست پينل جا سمورا اميد وار پنهنجي ورڪ گڏيل طور تي ڪري رهيا آهن ۽ جنهن شاخ جي ووٽر وٽ وٽ وٺڻ جي لاءِ پهتا آهن ان کي گڏيل پينل جي لاءِ ووٽ گهرن ٿا جڏهن ته آزاد بيٺل اميدوار پڻ سڄي سنڌ اندر پنهنجي ورڪ تي سنڌ جي اندر هر هڪ شاخ وٽ پهچي انهن کان صرف پنهنجي لاءِ هڪ ووٽ گهرن ٿا ان جي ڪري هن واري سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پهريون دفعو اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪو ٻيو پينل سامهون گڏيل سنڌ دوست پينل جي مقابلي ۾ ناهي آيو. جڏهن ته اليڪشن سمورن عهدن تي ٿي رهي آهي ۽ هڪ ٻئي جي سامهون اميد وار مقابلي ۾ بيٺل آهي جيڪي سمورن عهدن تي آزاد اليڪشن وڙهي رهيا آهن ان ڪري ڏسجي ته اليڪشن جا نتيجا ڪهڙا ٿا اچن پر سنڌي ادبي سنگت جي اڄوڪي چونڊ مٿان نظرون رکيو ايندڙ سنڌي ادبي سنگت جي سينئر ساٿين جو اڪثر خيال اهو آهي ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اليڪشن ۾ سنڌ دوست پينل جا سمورا اميد وار ڪامياب ٿي ويندا باقي نتيجن ۾ ڪاميان ٿيندڙ اميد وارن جي ووٽن جي انگن اکرن ۾ فرق ٿيندو ۽ ايندڙ سنڌي ادبي سنگت جي جيڪا به باڊي بيٺل اميدوارن مان ڪامياب ٿي ايندي اها سنڌي ادبي سنگت جي روشن مستقبل جي لاءِ ڪم ڪندي جنهن ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادبي سنگت جو ماضي شاندار هجڻ سان گڏ ايندڙ مستقبل روشن آهي.