ڊِپارچَر لائُونج مُهين جو دڙو سفاري ريل گاڏي

ياسر قاضي

(حصو ٻيون ۽ آخري)

صبح جو نيرن جو اهتمام ’سمبارا‘ جي ريستوران ۾ ٿيل هو ۽ وفد جي سڀني ميمبرن مان هر ڪنھن کي ٻڌايل هو ته صبح 9:00 لڳي مھين جي دڙي جي ماڳ ڏانھن بسُن جي روانگيءَ کان اڳ صبح 7:00 لڳي کان 9:00 لڳي جي وچ ۾ پنھنجي پنھنجي سھولت واري وقت تي نيرن ڪري وٺو! اسان به سوا 8 ڌاري نيرن ڪري تيار ٿي 9:00 لڳي بسن ۾ سوار ٿياسين. رات وارين ساڳين ٻن بسُن ’سمبارا‘ مان قافلي جي صورت ۾ 10:00 لڳي ڌاري مھين جي دڙي جي تاريخي ماڳ تي پھچايو، جتي ثقافت کاتي جي هڪ ٻي وِنگ ’نوادرات ۽ آثارِ قديمه‘ (اينٽيڪوئيٽيز اينڊ آرڪيالاجيءَ) جي عملدارن، عجائب گهر جي ’ڪيُوريٽر‘ (منتظم)، احسن عباسيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ اسانجي وفد جو استقبال ڪيو. نوادرات کاتي جي ٽوئر گائيڊ، جاويد سنڌيءَ (جاويد شيخ) مھين جي دڙي جي سائيٽ ۽ کوٽائيءَ جي تاريخ بابت برِيفنگ ڏني. گائيڊ جي ابتدائي بريفنگ ۾ مون کائنس واضح طور تي اهو ئي سوال ڪيو، جنھن حقيقت بابت مان مسلسل لکندو به  رھيو آهيان ته ”مھين جي دڙي جي سائيٽ اصل ۾ هڪ بنگالي آرڪيالاجسٽ رکلداس بينرجيءَ جي دريافت آهي. پوءِ کيس اهو ڪريڊٽ ڇو ڪونه ٿو ڏنو وڃي ۽ اهو ڪريڊٽ ان جي آفيسر سر جان مارشل کي ڇو ٿو ڏنو وڃي!“ جنھن جو جاويد سنڌي صاحب توڙي الطاف اثيم صاحب ساڳيو ئي جواب ڏنو ته ”جيئن ته بينرجي هڪ جونيئر آفيسر هو ۽ سر جان مارشل ’آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا‘ جو ڊائريڪٽر جنرل هو، تنھنڪري بينرجيءَ جي دريافت جو ڪريڊٽ سينيئر آفيسر طور سر جان مارشل کڻي ويو.“ (جيڪو يقينا نامناسب هو ۽ هاڻي، جڏهن دنيا اڻ ڌرئي تاريخ جا پرتَ کولي رھي آهي، ته بينرجيءَ کي سندس جوڳو ڪريڊٽ ملڻ گهرجي).

STDC جي ايم ڊي، فياض شاھه انتباھه ڏنو ته ”وفد جا سڀ ميمبرَ سائيٽ گهمي ڦري 1:30 لڳي هتي بسُن وٽ پھچن! ته جيئن وقت تي واپس ٿي سگهي!“

سائيٽ تي پھچڻ کانپوءِ هر ڪو ڪَڻو ڪَڻو ٿي ويو ۽ پنھنجي پنھنجي هم خيال دوستن سان سائيٽ جا مختلف حصا گهمڻ لڳو. مون پنھنجي سٿَ سان پھرين سائيٽ جي ’ايس ڊِي ايريا‘ ۾ اسٽوپا، درسگاهه (ڪاليج)، ڍڪيل ناليون، وڏي ماپ وارا گهرَ، ٻٽي رِنگ وارا کُوھَه، بيضوي کُوھَه، وڏي تڙَ (گريٽ باٿ) ۽ ان جي آسپاس وارا علائقا ڏسي، ريڪارڊ ڪري، پوءِ شٽل رستي ’ڊِي ڪي ايريا‘ جو رُخ ڪيو، جتي پراڻي سنڌو بندر جا نشانَ، گودين ۽ گودامن جا آثارَ، وڏڪَ / مُکيءَ جو گهر، ان گهر ۾ ٺھيلَ درٻار / اسيمبلي ايريا، ٻه ماڙ کُوھَه، ننڍ گهراڻا گهرَ، انھن جا پاسي وارين گهٽين ۾ کلندڙ دروازا ۽ وَڙوَڪڙ کائيندڙ هيٺانھان مٿانھان رستا ڏٺا ۽ لتاڙيا ۽ لڳ ڀڳ 1:00 لڳي اچي عجائب گهر سھڙياسُون.

ننڍپڻ کان وٺي ڪئين ڀيرا هن ماڳ تي اچڻ، ان کي گهمڻ، ڏسڻ ۽ ميوزيم جو جائزو وٺڻ جي باوجود جڏهن به هتي اچبو آهي، ته ان کي وري وري تفصيل سان جانچڻ تي دل چوندي آهي. سو هن ڀيري به هڪ دفعو وري تفصيل سان سائيٽ ۽ عجائب گهر ڏٺو، ان کي تصويرڪشيءَ توڙي فلمبنديءَ رستي محفوظ ڪيو ۽ نئون اتساھه ۽ ويساھه ماڻيو، ڇاڪاڻ ته اسان سڀني جو خمير بھرحال سنڌو ماٿر جي ان ئي مٽيءَ مان اُٿيو آهي، جنھن جو هر ماڳ (توڙي اهو موجوده سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ هجي يا هند ۾، اڄوڪي پنجاب ۾ هجي يا بلوچستان ۾) ڏسي، پنھنجي ماضيءَ ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو ملندو آهي..

سخت اُڃَ ۽ چانھه جي ٻاڙَ سبب عجائب گهر جي ٻاهران ڪمرشل ’ٽَڪ شاپ‘ تان چانھه ۽ پاڻي خريد ڪري نوش ڪيو ۽ واپسيءَ جي سفر لاءِ بسن ۾ سوار ٿياسين. بسن ۾ سوار ٿيڻ کانپوءِ خبر پئي ته مھين جي دڙي تي اسان جي وفد لاءِ سرڪاري ’هاءِ ٽِيءَ‘ (هلڪي پيٽ پُوڄا ساڻ چانھه) جو انتظام هو، پر منتظمين جي انتظامي هيٺ مٿانھينءَ سبب اهڙو اطلاع اسان مان ڪن سيّاحن کي ملي سگهيو، ڪن کي نه! مھين جي دڙي جي سائيٽ تي هڪ ٻي بدانتظامي اها به ٿي ته وفد کي گائيڊ ڪندڙ سرڪاري سُونھون (ٽُوئرسٽ گائيڊ) فقط هڪ ئي نظر آيو، جڏهن ته وفد 100 جي لڳ ڀڳ ماڻھن جو هو، جيڪو به ظاھر آهي ته 3 ڪلاڪ هڪ ئي وقت سائيٽ تي گڏ ڪونه گهمي رھيو هو ۽ هر ڪو ٽولن جي صورت ۾ سائيٽ جا مختلف ڀاڱا ڏسي رھيو هو. انڪري وفد لاءِ وڌيڪ ٽوئرسٽ گائيڊس جي ضرورت کي بھرحال محسوس ڪيو ويو. بھتر ايئن ٿئي ها ته سائيٽ جي مختلف مُک ڀاڱن (مثلاً: اسٽُوپا، گريٽ باٿ، کُوھن، ڊي ڪي ايريا وغيره) تي ڌار ڌار گائيڊس موجود هجن ها، جيڪي اتي ايندڙ ساٿين کي پھچڻ تي بريفنگ ڏين ها. سائيٽ تي ٽين وڏي کوٽ اها محسوس ڪئي وئي ته دنيا جي هر آثارِ قديمه جي ماڳ (آرڪيالاجيڪل سائيٽ) جيان هتي وفد کي ’سيّاحن جي ڪِٽ‘ (Tourist Kit) فراهم نه ڪئي وئي، جنھن ۾ سائيٽ جا تفصيلي نقشا، ان بابت مختصر تاريخي معلومات ۽ اتان لڌل ڪجهه شين جا نقل / ماڊل (ريپليڪاز) سيّاحن کي تحفي طور ڏنا ويندا آهن، ته جيئن هو ان ماڳ بابت تفصيل سان ڄاڻي سگهن ۽ پنھنجي تحقيق ۾ ان مواد کي استعمال ڪري سگهن.

لڳ ڀڳ پوڻي 2 يا 2:00 لڳي ڌاري بسُون واپس لاڙڪاڻي روانيون ٿيون ۽ اڌ ڪلاڪ اندر سڌو اچي لاڙڪاڻي ريل اڏي تي لاٿائُون، جتي پليٽ فارم نمبر 1 تي سفاري ريل تيار بيٺي هئي. واپسيءَ ۾ به سڀني جون سيٽون ساڳيون هيون. پر ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي مايوسي ٿي ته ڪالھه مسافرن جي لھي وڃڻ کانپوءِ پاڪستان ريلويز پاران ريل گاڏيءَ جي صفائيءَ جي زحمت نه ڪئي وئي هئي. هن سفاري ٽرين 3:00 لڳي لاڙڪاڻو اسٽيشن ڇڏي. دادو اسٽيشن تائين ساڳيو ئي ٻليءَ پير واري رفتار رھيس. جنھن ۾ ڏوھه ريل جي ڊرائيور جو نه پر وفاقي ريلوي کاتي جو آهي، جنھن ان ٽريڪ کي ايئن نڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي. واپسيءَ تي ريل جو ڪوٽڙيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه اسٽاپ ڪونه هو، جتي ريل گاڏيءَ جو ڊرائيور تبديل ٿيڻو هو. دادوءَ کان سيوھڻ تائين ريل ڪجهه رفتار پڪڙي، پر سيوھڻ کان ڪوٽڙيءَ تائين وري سست رفتاري ساڻس چھٽيل رهي. ڪوٽڙيءَ ۾ ويھارو کن منٽن جي اسٽاپ کانپوءِ جڏھن نئين ڊرائيور ريل گاڏيءَ کي هلائڻ شروع ڪيو ته ان واھُه مِينھُن هڪ ڪري ٻن ڪلاڪن ۾ اچي ڪراچيءَ پھچايو. ريل گاڏيءَ، ڪراچيءَ ۾ ڊرگ روڊ اسٽيشن تي 5 منٽ اسٽاپ ڪري ڪراچيءَ جي اُتريَن ۽ اوڀارن علائقن ۾ رھندڙ سيّاحن کي لاٿو، جنھن بعد هيءَ مھين جو دڙو سفاري ريل گاڏي 5 ڪلاڪ ليٽ، رات 12:00 لڳي جي آسپاس ڪراچي ڪينٽ جي ريلوي اسٽيشن تي پھتي ۽ پنھنجو سفر پورو ڪيائين.

هن رُوٽ تي هلايل هن پھرين مھين جو دڙو ريل سفاريءَ جي ان سڄي تجربي مان گذرڻ کانپوءِ سنڌ جي سيّاحت کاتي (سنڌ ٽُوئرزم ڊويلپمينٽ ڪارپوريشن) کي هن قسم جي سفرن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ۽ ننڍين ننڍين بدانتظامين تي ضابطو آڻڻ لاءِ هيٺيون صلاحون ڏجن ٿيون:

1- مھين جي دڙي ٽرين سفاري جي هن رُوٽ ۾ وچ ۾ به اهڙا ماڳ اچن ٿا، جن بابت سيّاحن کي آگاھه ڪرڻ بيحد ضروري آهي، مثال طور: سنَ جي سرزمين، ان جي سامھون رني ڪوٽ جو تـرُ (رني ڪوٽ هتان نظر ته ناهي ايندو، پر سيّاحن کي ٻڌائڻ ته ضروري آهي ته اسين ان ’ديوارِ سنڌ‘ جي ٿوري مفاصلي تان ئي گذري رھيا آهيون)، آمريءَ جو پٿر جي دؤر جو پراڻو ماڳ، لڪي شاھه صدر، لڪيءَ ۽ کيرٿر جي جابلو قطار، ان جي پھلوءَ مان وھندڙ سنڌو درياءَ جو نظارو، اڙَل واھه، پراڻو سيوھڻ، خدا آباد وغيره. انھن ماڳن بابت پيرائتي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ريل گاڏيءَ ۾ مرڪزي ڪامنٽريءَ جو اهتمام ڪرڻ ضروري آهي، جتي تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ سيّاحت کاتي جو ڪو عملدار مائڪرو فون رستي سيّاحن کي انھن ماڳن کان گذرندي آگاھه ڪندو هلي، ۽ هر ڪو پنھنجي پنھنجي ڪمپارٽمينٽ ۾ ويھي اهڙي ڪامنٽري ٻڌندو رهي، ته اهو ان سفر جي سجائي ٿيڻ جو هڪ وڏو ذريعو ٿي پوندو.

2- جيڪڏهن هن سفاري ريل گاڏيءَ کي غير ملڪي سيّاحن جي ڪشش لاءِ شروع ڪيو ويو آهي، ته پوءِ ان جي انتظامن ۾ تمام گهڻا سڌارا آڻڻا پوندا ۽ هڪ هڪ ڪمري ۾ چئن چئن يا ٽن ٽن مھمانن کي رھائڻ واري رَوِش اتي نه هلي سگهندي. ايتريقدر جو ملڪي سيّاحن مان به جيڪي ڀاڙو ڀري هي سفر ڪندا، اهي وڌ ۾ وڌ سھولتن جي طلب ڪندا ۽ ٿوري به بدانتظامي هن ريل کي سيّاحن جي ڪشش جو باعث بڻائڻ بجاءِ انھن کي هن کان پري ڪندي.

3- سفر جي دؤران گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ويندي ۽ هڪ دفعو ايندي، STDC جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر يا ٻئي ڪنھن سينيئر عملدار کي سيّاحن وٽ ذاتي طور وڃي پڇڻ گهرجي ته کين ڪنھن شئي جي ضرورت ته ناهي؟ ساڻن ڪو مسئلو ته ناهي؟ ۽ سندن سفر پرسڪون گذري رهيو آهي يا نه؟ ان سان کاتي کي مسافرن جي شڪايتن جي براھِه راست خبر پوندي ۽ کاتو انھن شڪايتن جو ازالو به ڪري سگهندو ۽ ان سان مسافرن تي اداري جو بھترين تاثر پڻ پوندو. (هن سفر ۾ ويندي توڙي موٽندي کاتي پاران اھڙي ڪابه خير خيريت دريافت نه ڪئي وئي.)

4- هر سيّاح کي 10 ڪلاڪن جي سفر ۾ رڳو ٻه ڀيرا 300 ملي ليٽر پاڻيءَ جي بوتل فراهم ڪرڻ (جيڪا بنھه ناڪافي آهي) ۽ ٻيھر گُهرڻ تي اها في بوتل 80 روپين ۾ وڪڻڻ هڪ انتھائي نامناسب عمل آهي. جنھن تي کاتي کي ضابطو آڻڻ گهرجي ۽ هر مسافر کي ايڏي ڊگهي سفر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ لٽر جي هڪ بوتل هڪ پاسي لاءِ ڏيڻ گهرجي، جنھن کي هو پوري سفر دؤران واپرائي سگهي. ان طرح سان مانيءَ جي مقدار ۾ پڻ واڌاري جي سخت ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هر ويلي تي پروسجندڙ ماني، هڪ ماڻھوءَ جي گنجائش جي حساب سان بنھه گهٽ آهي.

5- سنڌ جي ثقافت ۽ سيّاحت کاتي کي وفاقي ريلوي کاتي سان لکپڙھه ڪري، ڪوٽڙيءَ کان حبيب ڪوٽ ــ جيڪب آباد ٽريڪ جي ترت مرمت لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جيڪي رڳو هن ريل هلائڻ لاءِ ئي نه پر، هن رُوٽ تي وڌيڪ ريگيولر مسافر ريل گاڏين هلائڻ لاءِ پڻ بيحد ضروري آهي.

6- ان ئي رُوٽ تي هڪ سفاري ريل سنَ تائين هلائي، سيّاحن کي هڪ پاسي سنڌو درياءَ جو نظارو ڪرائي، ٻئي پاسي رني ڪوٽ گهمائي سگهجي ٿو ۽ رات اتي رهائي مچ ڪچھري ۽ ڪئمپنگ ڪرائي سگهجي ٿي. جڏهن ته ٻئي ريل دادوءَ تائين هلائي، گورک هِل اسٽيشن جو سير ڪرائي اتي رات رھائي سگهجي ٿي. ان طرح سان  ”رني ڪوٽ سفاري ٽرين“ ۽ ”گورک هِل اسٽيشن سفاري ٽرين“ نالي ٻه نيون سفاري ريل گاڏيون شروع ڪري، ان ۾ بھتر انتظامن سان سيّاحت مان ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.