لاهور(م ڊ) بسنت جي موقعي تي، لاهور جون ڇتيون لغڙين سان ڀرجي ويون آهن، جڏهن ته آسمان رنگ برنگي لغڙن سان سينگاريل آهي. گهٽيون ۽ بازارون بهار جي موسم سان پيلي رنگ جون آهن، ماڻهو بسنت جي موقعي تي خاص ڪپڙا پائي خوشي جو اظهار ڪندي نظر اچن ٿا ۽ تمام گهڻو جوش آهي. بسنت جي ميلي دوران لغڙ بازي جا مقابلا، دهل جي ڏاڪيجي ڏاڪي، روايتي موسيقي ۽ مقامي کاڌي پيتي جي اسٽالن جشن کي وڌيڪ يادگار بڻائي ڇڏيو آهي. جشن ۾ خاندانن، نوجوانن ۽ ٻارن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته لاهور ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پاڻ به ڇتين تي آهن ۽ وڏي جوش سان بسنت ملهائڻ ۾ مصروف آهن.
-
لاهور ۾ پرڏيهي سفير به بسنت جي رنگن ۾ رڱجي ويا
لاهور(بيورو)پاڪستان ۾ آمريڪي ناظم الامور نٽالي بيڪر به لاهور ۾ بسنت ملهائي ۽ بسنت جي مناسبت سان روايتي لباس پاتو، سينئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب۽ عظميٰ بخاري سان گڏ آمريڪي سفارتي وفد بسنت جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي،مريم اورنگزيب آمريڪي سفارتڪارن کي پتنگ اڏائڻ سيکاريو ۽ بسنت جي موقعي تي ڪيل سجاوٽ ۽ ٻين تيارين بابت به آگاهي ڏني۔آمريڪي سفير، قونصل جنرل ۽ انڊر سيڪريٽري پاڻ به پتنگ اڏائي، جڏهن ته وفد لاھوري کاڌن، ثقافت، ثقافتي ورثي ۽ مهمان نوازي کي ساراهيو۔ان موقعي تي مريم اورنگزيب چيو ته ثقافتي سرگرميون قومن کي ويجهو آڻڻ جو اثرائتو ذريعو آهن، هوڏانهن برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميرٽ، آمريڪي سفير نيٽالي بيڪر سميت ٻين غير ملڪي سفارتڪارن به جشن ۾ ڀرپور حصو ورتو۔جين ميرٽ لاهور ۾ بسنت جي ميلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقامي ثقافت سان پنهنجي وابستگي جو اظهار ڪيو۔جين ميرٽ بسنت کي پنجاب جي ثقافت جو سهڻو اظهار قرار ڏيندي چيو ته اهڙا تهوار ماڻهن کي ويجهو آڻڻ ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔
-
مريم نواز بسنت تقريبن جو وقت اڄ شام تائين وڌائي ڇڏيو
لاهور (بيورو) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز لاهور ۾ ٿيندڙ بستن تقريبن جو وقت وڌائي ڇڏيو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته لاهور، پنجاب ۽ سموري ملڪ ۾ بسنت جون شاندار تقريبون ٿيون، جشن، اتحاد ۽ خوشيون ڏٺيون جيڪي 25 سالن کانپوءِ موٽيون. هن چيو ته تقريبن جو وقت وڌائڻ جو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، تقريبن جو وقت اڄ شام پنجين وڳي تائين وڌايو ويو آهي، اها واڌلاهور جي عوام لاءِ انعام آهي جن بسنت کي ڀرپور نظم ضبط سان ملهايو. هن عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي. ٻئي پاسي لاهور ۾ پي ٽي آ3 باني عمران خان جو ڀاڻيجو ۽ عليما خان جو پٽ شاهريز به بسنت جو حصو بڻيو. هن پنهنجي ٻارن سان بسنت ملهايو.