ڪراچي (رپورٽر) پوليس جماعت اسلامي جي سنڌ اسمبلي ميمبر محمد فاروق سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. هي واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن جماعت اسلامي جا ميمبر ۽ ڪارڪن الڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا. پوليس پريس ڪانفرنس ۾ موجود جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي ڇڙ وڇڙ ڪيو ۽ انھن مان ڪيترن کي گرفتار ڪري ورتو. ان کان اڳ، جماعت اسلامي جي سنڌ اسمبلي ميمبر محمد فاروق ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ظلم کي عوام سامهون آڻڻ لاءِ جماعت اسلامي هتي موجود آهي. هن چيو، هي بادشاهه سلامت جو گهر ناهي، پريس ڪانفرنس ڪرڻ اسان جو حق آهي، جيڪڏهن پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته اسان احتجاج ڪنداسين. محمد فاروق وڌيڪ چيو ته 14 فيبروري تي سنڌ اسمبلي جي ٻاهران ٿيندڙ ڌرڻي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اهو ڌرڻو ضرور ٿيندو ۽ پريس ڪانفرنس به ٿيندي. پوليس جي هن ڪارروائي کان پوءِ جماعت اسلامي جي ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ ان کي اظهارِ راءِ جي آزادي تي حملو قرار ڏنو. جماعت اسلامي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي فوري آزاد ڪيو وڃي ۽ انهن کي سندن حق ڏنا وڃن.