ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين وي-ٽيڪ بينڊڊ ويسڪيولر سوئيٽ جو افتتاح صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ڪيو.
تقريب ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما جي بورڊ ميمبرن، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صابر ميمڻ، سينيئر ڊاڪٽرن، آفيسرن ۽ صحت جي شعبي سان لاڳاپيل معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
خطاب ڪندي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ جديد طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، وي-ٽيڪ ويسڪيولر سوئيٽ جهڙيون سهولتون اعليٰ درجي جي طبي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ خانگي علاج تي دارومدار گهٽائڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
ڊاڪٽر صابر ميمڻ چيو ته وي-ٽيڪ بينڊڊ ويسڪيولر سوئيٽ ويسڪيولر سرجري جي شعبي ۾ هڪ انقلابي قدم آهي.
ٻين ماهر ڊاڪٽرن خطاب ڪندي چيو ته وي-ٽيڪ ويسڪيولر سوئيٽ نه رڳو ڪراچي پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ جي ٻين علائقن مان ايندڙ مريضن لاءِ به اميد جو نئون ڪرڻُ ثابت ٿيندي.
You might also like