عمر ايوب ۽ شبلي فراز احتجاج نه ڪرڻ بابت ڊيل ڪئي:فواد چوڌري

لاهور(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته عمر ايوب ۽ شبلي فراز 8 فيبروري جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي باوجود احتجاج نه ڪرڻ بابت هڪ ڊيل ڪئي هئي۔سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته 8 فيبروري 2024 جيچونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي واضح برتري باوجود نتيجا تبديل ڪيا ويا۔هن چيو ته ڊسمبر 2023 ۾ جڏهن اڊياله جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ٿي ته هن چيو هو ته کيس نٿو لڳي چونڊون ٿينديون، ڇو ته حڪمران غير مقبول آهن،فواد چوڌري موجب عمران خان جو موقف هو ته چونڊون ٿينديون ۽ تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي۔هن وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري 2024 تي عمران خان جو تجزيو صحيح ثابت ٿيو ۽ عوام سڀني ظلم، جبر ۽ مبينا ڌانڌلين باوجود عمران خان جي نالي تي تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.