سنڌ جو عوام تبديلي چاهي ٿو: ثمر حيدر جتوئي

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمرحيدر جتوئي چيو آھي ته عوام جي حقن آزاد عدليا سميت عوام جي بنيادي  مسئلن جي حل ۽ انصاف لاء تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ۽ سنڌھاري ڪاميٽي سميت ٻين پارٽين جي سڏ تيسنڌ جي عوام پنھنجو عوامي ريفرنڊم ڏيندي مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته عوام ملڪ ۾ آزاد عدليا آزاد ميڊيا ۽ انصاف چاھي ٿو. ھن چيو تہ سنڌ جو عوام تبديلي چاھي ٿو، جيڪو چاھي ٿو ته ھن ملڪ ۾ عدليا مڪمل طور آزاد ھجي، ملڪ ۾ آئين مطابق سمورن معاملن کي حل ڪيو وڃي، آئين کان مٿانھين ڪنھن به قدم کي عوام برداشت نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.