ڪراچي (پ ر) تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي سڏ تي ملڪ جي ٻين صوبن وانگر 8 فيبروري يومِ سياهه جي موقعي تي سنڌ سڄي ۾ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال کي غيرمعمولي عوامي پذيرائي ملي. پاڪستان تحريڪِ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ هڙتال کي تاريخيقرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي عوام رضاڪاراڻي طور گهرن ۾ رهي ۽ ڪاروبار بند ڪري چوري ٿيل مينڊيٽ خلاف پنهنجو صاف فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر کان ٿر نگر تائين سنڌ جا ننڍا وڏا سڀ شهر بند رهيا، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ ۽ ٽرانسپورٽ تقريبن نه هئڻ جي برابر هئي، جڏهن ته وڏيون مارڪيٽون، تجارتي مرڪز ۽ ڪاروباري علائقا مڪمل طور بند رهيا. هن پوليس طرفان زبردستي دڪان کولرائڻ ۽ ڪارڪنن جي گرفتاريءَ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته هي پرامن عوامي هڙتال آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مزاحمت يا تشدد شامل ناهي،رضوان نيازي، راجا اظهر، جنرل سيڪريٽري ارسلان خالد ۽ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته ڪراچي جون وڏيون مارڪيٽون مڪمل طور بند رهيون ڪراچي هميشه نظرياتي سياست سان گڏ بيٺي آهي.