8 فيبروري جمھوريت، انصاف ۽ آئين جي قتل جو ڏينھن آھي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  سنڌ جا وسيلا لٽڻ، جمھوريت ۽ آئين ۽ انصاف جي قتل لاءِ8 فيبروي 2024 تي جعلي اليڪشن ڪرائي ڪرپٽ ٽولي کي مسلط ڪيو ويو. 8 فيبروري جمھوريت، انصاف ۽ آئين کي قتل ڪرڻ جو ڏينھن آھي، جنھن جي خلاف سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي احتجاج ڪندڙ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ تشدد جي مذمت ڪندي چيو  ته  گرفتار ڪيل سمورن سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي. تشدد آمريت جي نشاني آھي. موجود حڪمران آمريت جو تسلسل آھن،هن چيو ته زرداري کي سنڌ تي چوٿون ڀيرو مسلط ڪري درياھ، ٻيٽ، لکين ايڪڙ زمينون ۽ وسيلا مال غنيمت بڻايا ويا آھن، پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍڻ ۽ حقيقي ترقي لاءِ شفافيت جي ضرورت آھي. هن چيو ته  قومي عوامي تحريڪ دفعو ٻيھر 8 فيبروري 2024 واري جنرل اليڪشن کي رد ڪري ٿي سنڌ ۾ 2024 واري جنرل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جا جعلي پولنگ آفيسر مقرر ڪري پرزائيڊنگ آفيسر خريد ڪيا ويا. پيپلزپارٽي سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي ھٿي ڏيڻ ۾ سھولتڪار بڻيل آهي. پيپلزپارٽي اقتدار خاطر سنڌو درياءَ، زمينن سميت وسيلن جي سوديبازي ڪري سنڌي ماڻھن جي پٺ ۾ خنجر پئي ھڻي. سنڌ کي مڪمل ختم ڪرڻ چاھي ٿي. هن چيو ته  ظالم حڪمرانن سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو، مھانگائي، بدامني اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.