لاهور (بيورو) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت عوامي حمايت کان محروم ٿي چڪي آهي ۽ ڌانڌلي وارين چونڊن کي ٻه سال گذري چڪا آهن. هن چيو ته بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ٻين علائقن ۾ بدامني تمام پريشان ڪندڙ آهي، جنهن جوحل فوجي آپريشنن ۾ ناهي. حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪمرانن کي سياسي پارٽين سان صلاح مشوري ذريعي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. مرڪزي مجلس شوريٰ جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي جنگ ۾ شامل ڪرڻ جو نتيجو قوم اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي، ۽ موجوده حڪمرانن کي پڻ اهو رستو اختيار ڪرڻ کان بچڻ گهرجي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي تحريڪ عوامي حقن جي دفاع ۽ فاشسٽ حڪمت عملي خلاف آهي، ۽ احتجاجن ۾ گرفتارن جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو. حافظ نعيم الرحمان غزه امن بورڊ کي سخت مخالفت ڪندي چيو ته اهو آمريڪي نوآبادياتي نظام جي بحالي جي ڪوشش آهي، جنهن ۾ فلسطيني عوام کان دفاع جو حق به کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.