پ پ،سنڌ کي پوليس اسٽيٽ بڻائي ڇڏيو آهي:عوامي تحريڪ

بدين(پ ر)عوامي تحريڪ ضلع بدين جو اجلاس ضلع صدر مهراڻ درس جي صدارت ۾ ٽالپر هائوس بدين ۾ ٿيو. جنهن ۾ خصوصي شرڪت عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي پ پ سرڪار پوليس اسٽيٽ بنائي ڇڏيو آهي ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز وڏيرن جا ذاتي ملازم بڻجي نوجوانن کي قتل ڪري رهيا آهن. عالمي سامراجي قوتن جي سنڌ جي سرزمين ۽ وسيلن تي ميري نظر رکن ٿيون پيپلز پارٽي اقتداري ڪرسيء خاطر  سموري سنڌ وڪڻي رهي آهي. جنهنڪري سنڌ ۾ بدامني لاقانونيت ۽ منشيات جو ڪاروبار سرڪاري مشينري جي ڇانو ۾ ڪيو پيو وڃي. سنڌ جون زمينون ڌارين ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جو ڍونگ ڪيو پيو وڃي. اجلاس ۾ مختيار بڪاري، هميرو مل، اي ڪي احمداڻي، علي احمد ميمڻ، ايڊوڪيٽ رمضان رند، ايڊووڪيٽ محبت هاليپوٽو، دلدار نوحاڻي، گلزار، رشيد، نواب، امام الدين، ستو، گومندو، سورج، ماڻڪ بهادر هاشم سومرو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.