ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته دادوءَ ۽ ڪوٽ لالو سميت سنڌ ۾ پوليس گردي خلاف احتجاج پوليس جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي ئي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. جڙتو مقابلن ۾ سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن کي قتل ڪرڻ قانون ۽ انصاف جو قتل آھي. پوليس جي اھڙي عمل خلاف عوام جو قانون ۽ انصاف تان اعتماد ختم ٿيندو ٿو وڃي. آء جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍي طرفان جڙتو مقابلن ۾ قتل ٿيندڙن کي ڏوھاري قرار ڏيڻ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. غريب ۽ مظلوم ماڻھن لاءِ انصاف ۽ قانون جا دروازا بند آھن. پوليس وڏيرن جي ڪمداري ۽ منشيات فروشن جي دلالي وارو ڪردار ادا پئي ڪري. عوام جي دادرسي ڪرڻ وارو ڪوئي ڪونه آھي. اھڙن خيالن جو اظهار ھن دادو ۾ عوامي مڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته اسلام آباد ۾ امام بارگاهه ۾ ٿيندڙ آپگھاتي ڌماڪو سيڪيورٽي ادارن جي ناڪامي آھي. ان موقعي تي امير ضلع دادو محمد موسي ٻٻر، مولانا شرف الدين پنھور ۽ امتياز چانڊيو، محمد صادق، شاھنواز نائچ ٻيا پڻ موجود ھئا. ھوڏانھن گبول هائوس ۾ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي مان ۾ سردار امير حمزه گبول طرفان آجياڻو پڻ ڏنو يو.سردار امير حمزه گبول طرفان معزز مھمان ۽ ساٿين کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جو تحفو پڻ پيش ڪيو ويو.