سڄي ملڪ ڦيٿا جام هڙتال جو سڏ رد ڪري ڇڏيو: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سموري ملڪ ڦيٿو جام هڙتال جي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو. ايڪسپو سينٽر ۾ مائي ڪراچي نمائش جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ تقريب کي خطاب ڪيو. هن چيو ته سموري ملڪ ڦيٿو جام هڙتال جو سڏ رد ڪيو، اسان جو ملڪ هڙتال جهڙا سڏ نٿو سهي سگهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي کي به ماصي ۾ چونڊن تي خدشا رهيا آهن، اسان جمهوريت تي يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون، احتجاج ضرور ڪريو پر ائين ڪنهن کي تڪليف نه ڏيو. هن چيو ته آچر تي به شهرين پنهنجا دڪان کوليا، اسلام آباد سانحي تي ڪراچي جا شهري ڏکويل هئا. سندس چوڻ هو ته ڪيترن ئي دوست ملڪن به اسٽال لڳايا ۽ پنهنجون شيون پيش ڪيون، اسان ڪراچي ۾ عمارتن جي سروي ڪرائي آهي. وڏي وزير اهو به چيو ته ڪي فور جي شروعات 10 کان 11 سال اڳ ٿي هئي، ان تي مان ڪنهن ٻئي کي نه پنهنجي پاڻ کي الزام ڏيان ٿو. وفاق چيو هو ته مين لائن جو ڪم اسان پاڻ ڪنداسين، هڪ صاحب 3 کان 4 سالن لاءِ ڪي فور تي ڪم روڪرائي ڇڏيو.  هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪي سي سي آءِ سان گڏجي گل پلازه جي متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ممڪن حد تائين نقصانن جو ازالو ڪري سگهجي۔. هن چيو ته تازو ڪراچي ۾ علائقائي ۽ بين الاقوامي سطح جا وڏا ايونٽس منعقد ٿيا. وڏي وزير چيو ته پرامن احتجاج آئيني حق آهي، پر ان کي قانون جي دائري اندر رهڻ گهرجي۔ هن چيو ته شڪايتن ۽ خدشن لاءِ لاڳاپيل فورم موجود آهن ۽ معاملن کي ميڊيا ٽرائل بدران اداراتي ۽ جمهوري طريقيڪار ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عوام جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي۔ فائر برگيڊ جي نظام ۾ بهتري حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي۔. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ روڊن، فلائي اوورن ۽ ايمرجنسي رسپانس ميڪانيزم جي بهتري لاءِ ڪم جاري آهي۔ .ڪي-فور (K-IV) پاڻي منصوبي بابت وڏي وزير چيو ته هي منصوبو لڳ ڀڳ 10 کان 11 سال اڳ شروع ٿيو هو، پر ناقص منصوبابندي، بجلي جي مسئلن، لاڳت تي اعتراضن ۽ فنڊنگ سبب دير جو شڪار رهيو۔ هن ٻڌايو ته هاڻي وفاقي حڪومت ورلڊ بينڪ جي مدد سان مرڪزي لائين جي ذميواري سنڀالي آهي۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته منصوبي جي تڪميل کان پوءِ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ ۾ گهٽتائي ايندي۔ ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ماءِ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو، نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ميڊيا سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔ ان  کان اڳ  ڪي سي سي آءِ جي انتظاميها ايڪسپو سينٽر پهچڻ تي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ نمائش جي انتظامن ۽ مقصدن بابت آگاهي ڏني۔.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.