اسلام آباد(بيورو)سينيٽ اجلاس ۾ ڪشمير، بلوچستان، سيڪيورٽي صورتحال ۽ پي ٽي آءِ جي باني تي بحث ڪيو ويو،مملڪتي وزير مختار برٿ چيو ته زراعت هاڻي صوبائي معاملو آهي، پر وفاقي حڪومت بهتر ٻجن جي پيداوار تي ڪم ڪري رهي آهي،اجلاس دوران اپوزيشن بينچز خالي هيونسينيٽر روبينه قائم خاني نجي ميڊيڪل ڪاليج معيار تي پورا نه پيا لهن ۽ 25 کان 30 لک رپيا فيس وٺي رهيا آهن، آغا خان ميڊيڪل ڪاليج تقريباً 1 ڪروڙ فيس وٺي رهيو آهي۔سينيٽر اعظم سواتي چيو ته هر ڪاليج ٻارن کي لٽي رهيو آهي،صحت واري مملڪتي وزير چيو ته نجي ميڊيڪل ڪاليجز لاءِ فيس جو بينچ مارڪ 18 لک رپيا مقرر آهي۔سينيٽ ۾ ڪشميرين سان ايڪتا واري قرارداد متفقه طور منظور ڪئي وئي،سينيٽر اسد قاسم چيو ته حب چوڪي تي رينجرز ناڪن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻهوپريشاني جو شڪار آهن، ڊگهي قطارن ۾ بيهاريو وڃي ٿو،مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته سيڪيورٽي لاءِ ضروري آهن، تجويزون سنڌ حڪومت وٽ پيش ڪيون وينديون،اپوزيشن ليڊر علامه راجا ناصر عباس چيو ته باني پي ٽي آءِ کي قانوني حق ۽ علاج جي سهولتون نه ڏنيون پيون وڃن،جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ ماڻهو مري رهيا آهن،پنجاب حڪومت بسنت جون خوشيون پئي ملهائي،اسان جي لاشن،اسان جي امن ۽ اسان جي تباهي تي پنجاب ۾ جشن ملهايو پيو وڃي،طلال چوڌري چيو ته دهشتگرد اهوئي چاهين ٿا ته پاڪستان هڪ نارمل رياست جي بدران غير معمول رياست بڻجي وڃي، دهشتگرد چاهين ٿا ته هتي ڪرڪيٽ نه هجي، ڪا ڪانفرنس نه ٿئي، ڪي ميلا نه هجن. پر اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان پنجاب کان وڌيڪ بلوچستان سان محبت رکون ٿا،راڻا ثناءُ الله چيو ته بسنت هڪ تهوار آهي جنهن جو اعلان پهرين کان ڪيو ويو هو،ان کي جشن ڪوٺڻ نامناسب آهي،عمران خان کي قانون مطابق جيل ۾ سهولتون ڏنيون پيون وڃن،