آمريڪا، برطانيا،سعودي عرب،افغانستان ۽ آسٽريليا پاران مذمت

اسلام آباد(ع آ نيوز) آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا ۽ ٻين ملڪن اسلام آباد ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي.آمريڪي سفارتخاني جي چارج ڊي افيئر نيٽلي بيڪر سفارتخاني جي سرڪاري ايڪس اڪائونٽ تي چيو ته آمريڪا اسلام آباد ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو،جنهن جي نتيجي ۾ معصوم عبادتگار فوت ۽ زخمي ٿيا. آمريڪا هر قسم جي دهشتگردي ۽ تشدد جي مذمت ڪري ٿو، جنهن ۾ هي واقعو به شامل آهي. برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ترلائي ۾ خودڪش بم ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته جمعي جي نماز دوران ٿيل خوفناڪ حملي تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ آهي. هن چيو ته دهشتگرد حملو دل ٽوڙيندڙ آهي ۽ سندس دعائون فوتين ۽ زخمين سان آهن. جين ميريٽ دهشتگرد واقعي کي قابل مذمت قرار ڏنو ۽ چيو ته برطانيه هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي. آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين به اسلام آباد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪئي. آسٽريليا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته هو مسجد تي ٿيل خوفناڪ حملي تي تمام گهڻوغمگين آهي. هوڏانهن سعودي عرب ۽ افغانستان پڻ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي،ترڪ پرڏيهي وزارت به پاڪستان سان مڪمل ايڪتا جو اظهار ڪيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.