ماسڪو(عوامي آواز نيوز)روس جي صدر ولاديمير پيوٽن صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي تعزيت جا خط موڪليا آهن.پنهنجن خطن ۾ روسي صدر اسلام آباد ڌماڪي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي صدر ۽ وزيراعظم سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ لکي ڇڏيو ته مذهبي اجتماع دوران شهري ماڻهن جو قتل بربريت جو واضح ثبوت آهي.هن پاڪستان سان دهشتگردي جي خلاف تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم پڻ ٻيهر ظاهر ڪيو.پيوٽن شهيدن جي وارثن سان همدردي ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ نيڪ تمنائون پڻ موڪليون.