امام بارگاهه اندر حملو وحشي پڻو آهي: ايران

اسلام آباد(م ڊ) ايران اسلام آباد ۾ امام بارگاهه اندر ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميريمقدم اسلامي جمهوريه ايران جي حڪومت ۽ عوام جي طرفان اسلام آباد ۾ جمعي جي نماز دوران مسجد تي خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪئي، فوتين جي لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ايراني سفير چيو ته هن وحشي حملي جي نتيجي ۾ درجنين بيگناهه شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن. ايراني سفير پاڪستان جي حڪومت، پاڪستان جي عوام ۽ خاص طور تي سوگوار خاندانن سان پنهنجي دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. رضا اميري مقدم چيو ته اسان جون دعائون انهن خاندانن سان آهن جن پنهنجن پيارن کي وڃائي ڇڏيو جڏهن ته زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن کي پنهنجي رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.