وڪيل جي شڪايت تي گرفتار نوجوان جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ وڪيل جي ڪار ٽڪر ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ،موٽرسائيڪل سوار منصور علي شاهه جي ضمانت عدالت منظور ڪري ڇڏي آهي .عدالت جوابدار کي 30,000 رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئيجوابدارکي پهرين جنوري تي ايڊووڪيٽ زاهد سومرو جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو.شڪايت ڪندڙن پنهنجي موقف ۾ چيو ته حادثي کان پوءِ جوابدار کيس مار به ڏني،سندس آءِ فون به بحث دوران ڪري پيو. درخواستگذارمنصورعلي شاهه جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته نه شڪايت ڪندڙن واقعي تي موجود هو ۽ نه ئي سندس موبائل ڪري پيو. شڪايت ڪندڙ نوجوان کان 800,000 رپيا گهري رهيو آهي. جوابدارکي ڪلفٽن پوليس گرفتار ڪيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.