اسلام ڪوٽ ڀرسان پسند جي شادي نه ٿيڻ تي گهوٽ ۽ ناري جو آپگهات

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:غازي بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان پسند جي شادي نه ٿيڻ بعد پريمي جوڙي گڏجي ھڪ ئي رسي ۾ ڦاھو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو،ڳوٺ ميرو جو تڙ لڳ ڏيوو جي ڍاڻي ۾ ھڪ رات اڳ شادي ڪري واپس ڳوٺ ايل 18 ورهين جي نوجوان گھوٽ جيرام ولد چيتن ڪولهي ۽ سندس مامي جي ڌيءَ 16 ورهين جي جهمون ڌيء وشنو ڪولهي وڻ ۾ ڦاھو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو،نوجوان جوڙي جا لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو،جهانگرو پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيا،جتي ٻنھي جي وارثن پاران پوليس ۽ اسپتال انتظاميا کي لکت ۾ ڏئي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو،جنھن بعد لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارثن حوالي ڪيا ويا،انهي سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي پيءُ چيتن ڪولهي جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ جي اسان ڳوٺ وڪڙيو مان شادي ڪرائي رات جو واپس گهر پهتاسين،هن مهمانن کي ماني به پاڻ کارائي جنهن بعد خبر ناهي ڪيڏي مهل گهران نڪري ويو صبح جو ڏٺو ته گهر ۾ ستل نه آهي ڳولا ڪئي ته لٽڪيل لاشپيو هو هن پاڻ خودڪشي ڪئي آهي اسان کي ڪنهن تي به ڪو شڪ نه آهي،ٻي پاسي فوتي ناري جي پيءُ وشنو ڪولهي ٻڌايو ته منهنجي ڌيء پاڻ خودڪشي ڪئي آهي خبر نه آهي هن ائين ڇو ڪيو اسين پاڻ ۾ سالو ڀيڻويو آهيون ڪنهن تي به شڪ نه آهي،ذريعن موجب گھوٽ جي مائٽن ٻي ڳوٺ ۾ شادي ڪرائي،نوجوان پرڻجي ڄڃ وٺي دھل دمامن رات جو سان گھر پھتو،جنھن بعد پنھنجي گھرواري کي ڇڏي پاڻ پنھنجي چاهيندڙ مامي جي ڌي جھمون ٻائي سان گڏجي وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.