وڪيل جي شڪايت تي ٻن بزرگن خلاف ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ وڪيل جي گهر جي ڇت تي ملبو اڇلائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ٻن بزرگ ڀائرن جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي .عدالت طاهر فيروز ۽ وسيم فيروز کي هر هڪ هڪ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.وڪيل وجود علي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي.جوابدار منهنجي پاڙي ۾ اڏاوتي ڪم ڪرائڻ کان پوءِ اسان جي گهر جي ڇت تي ملبو اڇلائي رهيا هئا. صفائي جي وڪيل چيو ته ٻنهي بزرگن جو نالو ايف آءِ آر ۾ شامل ناهي ايف آءِ آر جي 17 ڏينهن کان پوءِ، ٻنهي بزرگن کي ڦاسايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.