آپگهاتي ڌماڪن دوران پنجاب حڪومت جشن پئي ملهائي\تحريڪ انصاف

اسلام آباد(بيورو)تحريڪِ انصاف جي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم هڪ وڊيو بيان ۾ اسلام آباد جي امام بارگاهه ۾ ٿيل بم ڌماڪي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هڪ پاسي دشمن دل تي گهرو زخم هنيو آهي، جڏهن ته جمعي جي نماز دوران خودڪش حملي وسيلي نمازين جي رت سان امام بارگاهه جون ڀتيون رنگيون ويون آهن۔هن چيو ته ٻئي پاسي پنجاب حڪومت ۽ ان جا ترجمان بسنت جو جشن ملهائيندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪو شهيدن جي وارثن جي ڏک کي وڌيڪ وڌائي رهيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.