دادو(رپورٽ:غوث جھتيال)دادو ۾ نادر جمالي جي پوليس هٿان مارجي وڃڻ واري مامري تي داخل 22 اي بي جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو وٽ ٻڌڻي ٿي، عدالت وڌيڪ قانوني نقطن جي سامهون اچڻ سبب ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايس ايس پي دادو، ٽن انسپيڪٽرن سميت ٻين پوليس عملدارن جي پيشي ٿي، جڏهن ته فريادي ڌر جي وڪيلن طرفان قانوني دليل پيش ڪيا ويا. ٻڌڻي کان پوءِ واپسي تي ايس ايس پي دادو بنا ڪنهن ميڊيا موقف جي خاموشي سان گاڏي ۾ چڙهي روانو ٿي ويو، جنهن بعد عدالت ٻاهران جمالي برادري جي ماڻهن پاران نعريبازي ۽ احتجاج ڪيو ويو پوليس جي گاڏين اڳيان احتجاج ڪري ويهي رهيا پوليس عملدارن آڏو نعري بازي ڪئي ٻڌڻي دوران فريادي ڌر جي وڪيل آگاھ ڪيو ته عدالت وٽ حڪومت سنڌ پاران هڪ ليٽر موصول ٿيو آهي، جنهن ۾ نادر جمالي معاملي بابت جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو چيو ويو آهي جڏهن ته انڪوائري لاءِ اجازت وٺڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جي به ڳالهه ڄاڻائي وئي آهي ايڊوڪيٽ مير محمد مڱريو ٻڌايو ته عدالت جو خيال آهي ته جيڪڏهن جڊيشل انڪوائري شروع ٿئي ٿي ته پوءِ 22 اي بي جي درخواست نه ٻڌي وڃي، جڏهن ته فريادي ڌر ان موقف سان اختلاف ڪندي چيو ته قانون ۾ صاف لکيل آهي ته جوڊيشل انڪوائري ۽ 22 اي بي جي درخواست گڏ هلي سگهن ٿيون وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته فريادي ڌر طرفان درخواست ايف آءِ آر جي اندراج لاءِ ڏنل آهي، جيڪڏهن عدالت ان بابت حڪم ڏئي ٿي ته ٻئي معاملا گڏ هلي سگهن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ واضع ڪري چڪي آهي ته جاچ ۾ دير به پاڻ هڪ وڏو ڏوھ آهي ٻڌڻي دوران هڪ اهم نڪتو پڻ سامهون آيو، جتي فريادي ڌر عدالت آڏو موقف رکيو ته ڄاڻايل جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او اي سيڪشن قربان قمبراڻي پنهنجي بيان ۾ ڪجهه جوڊيشل آفيسرن جو به ذڪر ڪيو آهي، جن سان سندس رابطي جي دعويٰ ڪئي ويئي آهي ۽ انهن جي چوڻ تي هو ڪاروائي لاءِ ايريگيشن ڪالوني دادو ۾ ويو ان حوالي سان فريادي ڌر جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪئي ته جيڪڏهن واقعي ڪنهن جوڊيشل آفيسر جو پوليس سان رابطو ثابت ٿئي ٿو ته اهڙي صورت ۾ 22 اي بي جي درخواست سيشن اينڊ ڊسٽرڪٽ جج بدران ڪنهن ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪئي وڃي عدالت کي ٻڌايو ويو ته فريادي ڌر اڄ 22 اي بي جي درخواست کي ٻئي جج ڏانهن موڪلڻ بابت باضابطه درخواست داخل ڪندي. عدالت سڀني ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ وڌيڪ ٻڌڻي 17 فيبروري 2026 تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
عدالتي اڱڻ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال بعد عدالت ۾ درخواست
دادو:دادو جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ نادر جمالي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي عدالت جي احاطي اندر جمالي برادريجي نعري بازي، ڇڪتاڻ ۽ واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو نتيجي بعد دادو بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو ۽ ٻين وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ ايند سيشن جج دادو وٽ درخواست داخل ڪئي وئي درخواست ۾ وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته نادر جمالي جي وارثن پاران داخل ڪيل 22-اي بي درخواست ۾ تجويز ڪيل جوابدارن جيڪي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن آهن انهن خلاف ٻڌڻي دوران عدالت جي احاطي اندر غير واسطيدار ماڻهن جي موجودگي سبب ڇڪتاڻ پيدا ٿي رهي آهي، جيڪا امن امان لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته هاءِ پروفائل ڪيس هجڻ سبب عدالت احاطي اندر ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ غير واسطيدار ماڻهن جي آمد سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي، جنهن سان نه رڳو عدالتي ڪاروائي متاثر ٿئي ٿي پر جوابدار پوليس آفيسرن، اهلڪارن ۽ سندن وڪيلن جي سيڪيورٽي کي به خطرو لاحق ٿئي ٿو وڪيل اطهر عباس سولنگي ۽ ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو پاران عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته عدالت احاطي اندر غير واسطيدارن ماڻهن جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي،۽ امن امان کي برقرار رکيو وڃي ۽ تجويز ڪيل جوابدار پوليس آفيسرن، اهلڪارن توڙي سندن وڪيلن کي مناسب ۽ موثر سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. سيشن جج دادو درخواست جو تفصيلي جائزو وٺڻ بعد عدالت احاطي اندر غير واسطيدار ماڻهن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، جڏهن ته عدالت جي احاطي اندر ڪنهن به قسم جي ميڊيا سان ڳالهائڻ تي پڻ پابندي جو حڪم جاري ڪيو ويو عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته ايس ايس پي دادو کي پابند ڪيو وڃي ٿو ته هو عدالت جي احاطي اندر مناسب ۽ موثر سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻائي، جيئن عدالتي ڪاروائي بنا ڪنهن دٻاءَ ۽ ڇڪتاڻ جي جاري رهي سگهي. هوڏانهن ايس ايس پي دادو پاران دادو جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پوليس جي جوانن جي وڌيڪ مقررين جا آرڊرس جاري ڪري ڇڏيا آهن اهڙي طرح پوليس جي جوانن جو تعداد 50 تائين مقرر ڪيو ويو آهي.