مقصودو رند، پير پاڳاري جي قافلي جي گاڏي جي ٽڪر ۾ نينگر فوت

مقصودو رند(ن ع آ)مقصودو رند ويجهو ڳوٺ علي احمد سھتو ۾ لنڪ روڊ تي پير پاڳاري جي گذرندڙ قافلي دوران گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب نينگر ابوبڪر پٽ ڊاڪٽر غلام رسول سھتو فوت ٿي ويو نينگر کي وارثن فوري طور اسپتال منتقل ڪيو جتي نينگر جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته پير سائين پاڳاري جي ريلي گذري رھي ھئي ته پويان ايندڙ گاڏي جي ٽڪر لڳڻ ڪري نينگر ٿڏي تي فوت ٿي ويو اسپتال پھتاسين ته ڊاڪٽرن نينگر جي موت جي تصديق ڪئي جڏھن ته نينگر جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نينگر جي فوت ٿيڻ تي گھر ۾ ڪهرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.