پشاور(م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته وفاق اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي.هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته پاڪستان ۾ صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، معاشي ۽ امن امان جي صورتحال سميت هر طرف صورتحال خراب آهي، نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ انهن کي صورتحال کي سنڀالڻو پوندو، اسان جي نوجوانن کي وڏا خواب ڏسڻ گهرجن.هن چيو ته اسان کي هر ڪنهن تي هڪجهڙو قانون لاڳو ڪرڻو پوندو، جيڪو به پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهي ٿو ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پنجاب ۾ سول مارشل لا آهي، پي ٽي آءِ اتي جهنڊو نه ٿو لڳائي سگهي، اسان ڪارنر ميٽنگون نٿا ڪري سگهون، پنجاب جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي چيو ته انهن جي گاڏين جي نمبرن سان ڇڪتاڻ ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير سهيل آفريدي چيو ته ڪي پي جو وفاق تي 4,400 ارب رپين کان وڌيڪ قرض آهي، قبائلي ضلعن کي ضم ڪيو ويو پر اهي معاشي حق نه ڏئي رهيا آهن، توهان جي محنت جي ڪمائي، ٽيڪس جو پئسو ڇو چوري ڪيو وڃي.