شاهراهه فيصل بندش تي جماعت اسلامي ڪراچي اڳواڻن تي ڪيس

ڪراچي (رپورٽر) شاهراهه فيصل تي گذريل ڏينهن احتجاجي مارچ ڪرڻ تي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر ۽ ٻين جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب شاهراهه فيصل تي بنا اجازت جلسو ڪيو ويو  جنهن دوران ايمبولينس ۽ ٻين گاڏين کي به روڪيو ويو. انهي حوالي سان  جماعت اسلامي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جيئڻ ڏيو ڪراچي مارچ ڪرڻ تي ٽيپو سلطان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر کان ڊڄڻ وارا نه آهيون. حقن کي حاصل ڪرڻ جي تحريڪ جاري رهندي. 14 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.