ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سموري ملڪ ۾ شب برات عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ان سلسلي ۾ سموريملڪ جي مسجدن ۾ خصوصي طور تي رات دير تائين عبادت ڪئي وئي، مسجدن ۾ سڄي رات نفل ادا ڪيا ويا، شهري سڄي رات نفل سان گڏ رب پاڪ جي آڏو پنهنجي گهر ڀاتين جي سلامتي، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جون خصوصي دعائون گهريون، ان کانسواءِ ذڪر الاهي جون خصوصي محفلون، حسن قرات، حمد، نعت ۽ درود سلام جي محفلن جو به اهتمام ڪيو ويو، شب برات ۾ شب جو مطلب رات آهي ۽ برات جو مطلب آزادي آهي، شب برات جهنم جي باهه کان ڇوٽڪارو، گناهه بخش ڪرائڻ جي رات آهي، مسلمانن رب پاڪ جي آڏو سجدو ڪري پنهنجا گناهه بخش ڪرايا، سنڌ سوڌو سموري ملڪ جي مسجدن کي رنگ برنگي روشنين سان سجايو ويو، ڪراچي جي وڏين مسجدن کي رنگ برنگي روشنين سان سينگاريو ويو، ٻئي پاسي داتا درٻار مسجد، بادشاهي مسجد ۽ ٻين مسجدن کي رنگ برنگي روشنين سان سجايو ويو آهي جڏهن ته عبادت لاءِ خصوصي اهتمام ڪيو ويو آهي.نفلي عبادتن کان علاوه وڏي تعداد ۾ ماڻهو پنهنجن پيارن جي قبرن تي حاضري ۽ انهن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني، فاتحه خواني ڪئي وئي، جڏهن ته ڀلاري رات جي احترام ۾ روزو به رکيو ويو.