ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معذور ماڻهن جي زندگيءَ جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته مهارتن جي واڌ، تعليم ۽ روزگار ذريعي بااختيار بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اهم ترين ترجيحن ۾ شامل آهي، هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن ڪورنگي ۾اين او ڊبليو پي ڊي پي جي مرڪز ۾ منعقد ٿيل معذور ماڻهن جي گريجوئيشن تقريب کي خطاب ڪيو، ان موقعي تي سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِد ڊس ايبلٽيز ڊي اي پي ڊي طحٰيٰ فاروقي، ناؤ ڊبليو پي ڊي پي جو صدر امين هاشواڻي، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمير احمد، جنرل مينيجر فاطمه جميل ۽ ٻيا به موجود هئا، وڏي وزير چيو ته هي تقريب “هنرمند پروگرام” جي تحت منعقد ڪئي وئي جيڪو ڊپارٽمينٽ آف ايمپاورمينٽ آف پرسنز وِد ڊس ايبلٽيز، سنڌ حڪومت ۽ ناؤ ڊبليو پي ڊي پي جي گڏيل سهڪار سان هلائي پيو وڃي، هن ٻڌايو ته هن پروگرام جي مالي سهائتا ڊي اي پي ڊي ڪري رهيو آهي ۽ ان جو مقصد معذور ماڻهن کي خودمختيار ۽ باوقار زندگي گذارڻ جي قابل بڻائڻ آهي، سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان گذريل پنجن سالن دوران 65 هزار کان وڌيڪ معذور ماڻهن سڌي ريت فائدو حاصل ڪيو جڏهن ته نائو ڊبليو پي ڊي پي سان گڏيل قدمن جي نتيجي ۾ سڄي صوبي ۾ 3 لک 25 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگيءَ ۾ مثبت تبديلي آئي آهي، اسان جو مقصد معذور ماڻهن جي زندگيءَ ۾ حقيقي بهتري آڻڻ ۽ کين سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي، وڏي وزير اعلان ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي سمورن ڊويزنن ۾ 10 سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪري رهي آهي، هنرمند پروگرام تحت 4 هزار 200 کان وڌيڪ معذور ماڻهن مهارتن جي تربيت مڪمل ڪئي آهي جڏهن ته 1 هزار 700 کان وڌيڪ ماڻهن کي 22 مختلف صنعتن ۾ روزگار فراهم ڪيو ويو آهي۔ صنفي شموليت بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هنرمند پروگرام جي هر ٽن گريجوئيٽن مان هڪ معذور عورت آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته مهارتن جي تربيت ۽ روزگار جي قدمن ۾ صنفي شموليت کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي،مراد علي شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت سنڌ جي پنجن خصوصي تعليمي اسڪولن ۾ 500 کان وڌيڪ خصوصي ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جنهن سان تعليم کان مهارتن جي واڌ ۽ پوءِ روزگار تائين مضبوط لاڳاپو قائم ٿي رهيو آهي.