ڪراچي ڪنهن به صورت ۾ وفاق حوالي نه ٿيندو:سسئي پليجو

ميرپور ساڪرو (ن ع آ) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم صوبن جي ڳالهه ڪري سنڌي ماڻهن جي دل کي تڪليف ڏي ٿي، سسئي پليجو صحافين سان ڳالھائيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم صوبن جي ڳالهه ڪري سنڌي ماڻهن جي دل کي تڪليف ڏي ٿي ڪراچي ھزارين سالن کان سنڌي ماڻهن جو شھر آهي سنڌ ۾ ڪو به صوبو منظور ناهي ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ سندن خواب آهي جيڪو ڪنهنبه صورت ۾ پورو نه ٿيندو، سسئي پليجو چيو آهي ته ڪينال ٺاھڻ جي ھڪ دفعو ٻيھر ڳالهه ڪئي پئي وڃي پيپلزپارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ڪئنالن جي سخت مخالفت ڪئي آهي سنڌ جي ماڻھن ڪئنالن خلاف وڏي جدوجهد ڪئي آهي پاڻي جا تمام گھڻا مسئلا آهن ٺٽي جي ساحيلي پٽي ميرپور ساڪرو ڪيٽي بندر ۽ گھوڙاٻاري ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي جنهن جي ڪري ماڻهو پريشان آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.