اسلام آباد (بيورو) وفاقي شمارياتي اداري جي رپورٽ موجب موجوده مالي سال 2025-26 جي پهرين ست مهينن (جولاءِ کان جنوري) ۾ پاڪستان جو تجارتي خسارو 28 سيڪڙو وڌي ويو، بهرحال، جنوري 2026 ۾ پاڪستان جون برآمدات پهريون ڀيرو 3 ارب ڊالر کان وڌي ويون، جيڪو هڪ اهم سنگ ميل آهي، شمارياتي اداري جي انگ اکرن موجب واپاري خسارو 28 سيڪڙو وڌڻ کانپوءِ جولاءِ کان جنوري تائين 17 ارب ڊالر کان وڌي 22 ارب ڊالر تائين پهچي ويو، رپورٽ موجب جنوري 2026 ۾ برآمدات ۾ 35 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، جيڪو 3.1 ارب ڊالر تائين پهچي ويو آهي. جنوري ۾ برآمدات ۾ هي اضافو گذريل سال جي مقابلي ۾ 3.73 سيڪڙو وڌيڪ آهي، جنوري ۾ درآمدات 5 سيڪڙو گهٽجي 5.8 ارب ڊالر ٿي ويون، جنهن سبب ماهوار واپاري خسارو 29 سيڪڙو گهٽجي 2.7 ارب ڊالر تائين محدود رهيو، موجوده مالي سال جي پهرين ست مهينن ۾ برآمدات ۾ 7 سيڪڙو گهٽتائي آئي ۽ اهي 18.19 ارب ڊالر تائين رهيون، جڏهن ته درآمدات ۾ 9.42 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهي 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿي ويون، ناڻي واري صلاحڪار خرم شهزاد جو چوڻ آهي ته وڌندڙ ماهوار برآمدات ۽ گهٽ ٿيندڙ درآمدات معيشيت ۾ بهترين بهتري جي اشارا آهن، گهٽ توانائي خرچ ۽ شرح سود ۾ گهٽتائي سان برآمدات ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي.