بلوچستان جي زراعت واري وزير علي حسن زهري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي زراعت واري وزير علي حسن زهري بلوچستان ڪابينا مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.بلوچستان جي زراعت واري وزير علي حسن زهري صوبائي ڪابينا مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. عليحسن زهري، جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکي ٿو، پنهنجي استعيفيٰ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي کي موڪلي ڇڏي. پنهنجي استعيفيٰ جو سبب بيان ڪندي علي حسن زهري چيو ته وقت جي کوٽ سبب هو زراعت جي شعبي تي گهربل ڌيان نه ڏئي سگهيو. هن چيو ته هو بلوچستان جي عوام سان ڪيل واعدا پورا نه ڪري سگهيو. ان ڪري هو عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي.ذريعن موجب، بلوچستان جي وڏي وزير موجب  استعيفيٰ تي فيصلو صلاح مشوري کان پوءِ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.