بلوچستان ۾ دهشت گردي ڪندڙ افغانستان جا ايجنٽ آهن: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته بلوچستان جا دهشت گرد افغانستان جا ايجنٽ آهن ۽ جنگ ۾ شڪست کانپوءِ ڀارت پراڪسيز ذريعي پاڪستان خلاف جارحيت ڪري رهيو آهي، بلوچ عوام جي مدد سان اسان ان پراڪسي جارحيت ۾ افغانستان ۽ ڀارت کي شڪست ڏينداسين، پارليمنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالھائيندي خواجا آصف چيو ته اهي ماڻهو رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪي اسان جا دشمن آهن، اهي انهن جا ايجنٽ آهن ۽ اهي دشمنن جي پٺڀرائي سان اسان تي حملو ڪن ٿا،گذريل ڏهاڪن ۾ بلوچستان ۾ ترقي ٿي آهي، رستا ۽ تعليمي ادارا قائم ٿيا آهن، بلوچن کي پنهنجي وسيلن تي مڪمل طور تي حق آهي ۽ وفاقي حڪومت ان جا حق بچائيندي، خواجه آصف چيو ته وفاقي حڪومت عوام سان گڏ آهي ۽ بلوچستان ۾ دهشت گردي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، بلوچ قوم جي مدد سان اسان ڀارت ۽ افغانستان کي شڪست ڏينداسين، هن چيو ته ڀارتي جاسوس ڪل ڀوشن ياديو جو ذڪر ڪندي چيو ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته ڪل ڀوشن ياديو اسان جي حراست ۾ آهي ۽ پاڪستان ۾ دهشت گرد حملن ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.