مداخلت جي ضرورت ناهي:آئيني عدالت ارشد شريف قتل ڪيس اڪلائي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل بابت پاڻمرادي نوٽيس ۽ سڀني داخل ڪيل درخواستن کي ختم ڪندي فيصلي جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيا جون حڪومتون هن معاملي تي مناسب ۽ مؤثر قدمن تي عمل ڪري رهيون آهن، تنهن ڪري هن مرحلي تي عدالتي مداخلت جي ضرورت ناهي، وفاقي آئيني عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ارشد شريف قتل ڪيس ۾ پاڪستان ۽ ڪينيا جي وچ ۾ باهمي قانوني مدد لاءِ معاهدي (ايم ايل اي) تي دستخط ٿي چڪا آهن ۽ ٻنهي ملڪن ۾ هن ڪيس ۾ تعاون ٿي رهيو آهي. عدالت  موجب جاچ جو عمل متعلقہ حکومتي ۽ قانوني فورمز تي جاري آهي ۽ هن وقت عدالتي مداخلت ضروري ناهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عدالت صحافتي برادري ۽ عوام جي ان غم ۽ فڪر کي سمجهي ٿي جيڪو ارشد شريف جي قتل سبب پيدا ٿيو آهي، پر آئين تحت عدالت هن نتيجي تي پهتي آهي ته ڪيس ۾ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ حڪومتي قدمن ئي مناسب رستو آهن، عدالت واضح ڪيو ته ارشد شريف جا وارث ڪنهن به مرحلي تي پنهنجي قانوني حقن جي تحفظ لاءِ لاڳاپيل عدالتن يا فورمز کان رجوع ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏ عدالت ازخود نوٽس سميت سمورين لاڳاپيل درخواستن کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.