ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي تان ٽينڪر آئل ڊرائيور 2 ڄڻا علي گل ۽ وسيع الله اغوا ٿي ويا علائقي واسين آئل ٽينڪر خالي بيٺل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو.ان سلسلي ۾ مختلف ذريعن ٻڌايو آهي ته هي واقعو 27 ميل سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي پٽي وٽ پيش آيو آهي جتان آئل ٽينڪر بلوچستان رستي سنڌ طرف اچي رهيو هو ته سنڌ جيحد 27 ميل وٽ ڏوهارين ٻنهي آئل ٽينڪر ڊرائيورن علي گل ۽ وسيع الله کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن جڏهن ته پوليس ان واقعي جي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي حدن ۾ اهڙي اغوا واردات جي تصديق ناهي ڪئي.ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس جو چوڻ آهي ته هي اغوا واقعو اسان جي حد ۾ ناهي ٿيو بلڪي اهو واقعو بلوچستان جي حد ڊيرابگٽي واري علائقي ۾ پيش آيو آهي.جڏهن ته آخري اطلاعن تائين حدبندي وارو تڪرار پوليس وچ ۾ هلندو رهيو.