حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي جيلن ۾ قومي ڪارڪنن مٿان تشدد ڪري کين مختلف جيلن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جيل جي سپريٽنڊنٽن ڪريم عباسي، اشفاق ڪلوڙ کي هٽائڻلاءِ جيئي سنڌ تحريڪ حيدرآباد طرفان جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھ سنڌي ،امتياز ميراڻي، عزير شاھ ، بشير پنهور ،،مير جان سنڌي، ياسين لنڊ قومي ساٿي شنڪر مالهي جي اڳواڻي ۾ ريڊيو چوڪ حيدرآباد کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھ سنڌي، امتياز ميراڻي ۽ ٻين چيو ته 21 جنوري تي رات هڪ وڳي سينٽرل جيل حيدرآباد جي وحشي صفت، جلاد سپريٽنڊنٽ ڪريم عباسي، غضنفر شاھ، شبيرو پنجاپي، وقار ڏاڏو سميت سوين اهلڪارن قومي ڪارڪنن سهيل ميراڻي، مهراڻ ميراڻي، فراز چانڊيو، هالار چانگ، ثاقب چانڊيو، عدنان بلو، جاويد مڱريو سميت 11 قومي ڪارڪنن کي ڪپڙن کان آجو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي سينٽرل جيل ميرپورخاص ۽ ڪراچي سينٽرل جيل ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جتي پهچڻ شرط ميرپورخاص سينٽرل جيل جي وحشي صفت سپرنٽينڊنٽ اشفاق ڪلوڙ، شڪور نوناري ،محڪم ٻگهيو ،درگاهي ڪلهوڙو سميت ڪيترن ئي اهلڪارن کين ڪپڙن کان آجو ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻائي سيل وارڊ ڪري قيد تنهائي ۾ ڇت کان بغير کولين ۾ رکيو ويو آهي سخت سيءَ ۾ کين بسترا ۽ ڪمبل به ناهن ڏنا ويا ۽ رات جو سخت سيءَ ۾ مٿن پاڻي هاريو پيو وڃي جنهن سبب قومي ڪارڪن سخت بخار ۽ نمونيا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. هنن چيو ته قومي ڪارڪن مهراڻ ميراڻي جي ڀاءُ ۽ سهيل ميراڻي جي ماروٽ شاهجهان ميراڻي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن تي کين 31 جنوري تي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي عدالت ۾ مهران ميراڻي ۽ سهيل ميراڻي کي پيش ڪيو ويو جتي سهيل ميراڻي ۽ مهراڻ ميراڻي ويڊيو بيان ڏنو ته سندن زندگين کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جيلن جي انتظاميائن مان جان جو خطرو آهي واپسي تي ميرپورخاص جيل پهچڻ تي ٻيهر سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب ٻئي هلڻ کان هلاڪ آهن. هنن چيو ته 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ ۽هاءِ ڪورٽ فيصلو جاري ڪيو هئو ته جن انڊر ٽرائل قيدين جا ڪيس ٽرائل هيٺ آهن انهن کي جيل مان منتقل نه ٿو ڪري سگهجي. پر سينٽرل جيل حيدرآباد جي انتظاميا سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي اورانگهيندي قومي ڪارڪنن کي مختلف جيلن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. هنن چيو ته سينٽرل جيل حيدرآباد مان ميرپورخاص ۽ ڪراچي سينٽرل جيل منتقل ڪيل قومي ڪارڪنن کي واپس سينٽرل جيل حيدرآباد نه ابدو ويو ۽ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي جيل انتظاميائن تي قدم نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ طرفان احتجاجي مظاهرا، بک هڙتالون ۽ سينٽرل جيل حيدرآباد اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.
نوري آباد ۾ جسم ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف رياض چانڊئي جي اڳواڻي ۾ ريلي
نوري آباد (ن ع آ)نوري آباد پوليس پاران مبينا طور کنڀي گم ڪيل جسم نوري آباد جي ڪارڪنن جي آزادي لا۽ مظاھرو ڪيو ويو .ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو مرڪزي اڳواڻ الاهي بخش چاچڙ,ابرار مورائي,ديدار جلباڻي,مارو شر، ابراهيم عالماڻي يار محمد پالاري ۽ شير علي پالاري جي اڳواڻي ۾ نوري آباد هڪ نمبر اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ پوليس مڪمل لاقانونيت جو مظاهرو ڪري رهي آهي، ونگاري پوليس نوجوانن کي گهرن مان کنڀي کڻي وڃي بيدردي سان قتل ڪري رهي آهي، جيڪي عدالت کان مٿانها قتل آهن۔ هن چيو ته خيرپور ضلعي جي ڪوٽ لالو پوليس بااثر ڌرين جي ونگار وهندي شر برادري جي ٽن ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻائي بيدردي سان قتل ڪيو، جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي. رياض چانڊيو چيو ته نوري آباد پوليس خاص طور ايس ايڇ او اياز ابڙو ۽ وڏو منشي آفيسر لاشاري بااثر ڌرين کي خوش ڪرڻ لاءِ 14 ورهين جي معصوم سمير پالاري ۽ امتياز پالاري کي ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور عدالت کان ٻاهران کنڀي گم ڪيو آهي، جيڪو سراسر ظلم ۽ غيرقانوني عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيئي سنڌ محاذ ڪوهستان جي صدر يار محمد پالاري جي ڀائيٽن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هنن سوشل ميڊيا ذريعي بدامني، منشيات جي وڌندڙ آزار ۽ قبضن خلاف آواز اٿاريو، جنهن تي پوليس انهن خلاف ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن. هن ٻڌايو ته ڪوهستان جي جبلن جي غيرقانوني ڪٽائي ڪري اتي هائوسنگ اسڪيمون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪوهستان جي ڍورن ۽ زمينن تي نوري آباد پوليس معرفت بلڊرن کي قبضا ڪرايا ويا آهن، جتي ڌاريا هٿياربند ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي ڏوهي وارداتن ۾ ملوث آهن. رياض چانڊيو مطالبو ڪيو ته پرامن ڪوهستان واسي نوجوان امتياز پالاري ۽ سمير پالاري کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ضلعي اندر احتجاجي مظاھرا ڌرڻا ھنيا ويندا.