ڪراچي ۾ فائر سيفٽي تي عمل نه ڪندڙ مارڪيٽون سيل

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ فائر سيفٽي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي تي ضلعي انتظاميا وڏي ڪارروائي ڪندي هاشو سينٽر ۽ اليڪٽرڪ مارڪيٽ کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ڊي سي سائوٿ جاويد نبي کوسو موجب ٻنهي مارڪيٽن ۾ باهه وسائڻ جا مناسب انتظام موجود نه هئا، جنهن سبب ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ جو خدشو هو. ڊي سي سائوٿ ٻڌايو ته ٻنهي مارڪيٽن ۾ 200 کان وڌيڪ دڪان قائم هئا، پر ان جي باوجود فائر سيفٽي جا بنيادي انتظام به نه ڪيا ويا هئا، جيڪو قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي. جاويد نبي کوسو چيو ته هاشو سينٽر ۽ اليڪٽرڪ مارڪيٽ کي فائر سيفٽي جا مڪمل انتظام ٿيڻ تائين سيل رکيو ويندو، ۽ بغير اجازت ٻيهر کولڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.