ڪوٽ لالو ۾ مبينا پوليس مقابلو، 3 نوجوان مارجي ويا، سوين ماڻهن جو لاش رکي ڌرڻو

فيض گنج (رپورٽ: ظھير خاصخيلي) ڪوٽ لالو ۾ مبينا پوليس مقابلو، 3 ڄڻا مارجي ويا، پوليس لاش اسپتال ۾ رکي غائب، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، ايس ايڇ او نوجوانن کي ڳالهين لاءِ گهرائي خانگي ماڻهن هٿان گوليون هڻي قتل ڪرايو، وارث، سوين ماڻهن جو پڪاچانگ باءِ پاس وٽ لاش رکي ڌرڻو، ايس ايڇ ڪوٽ لالو ۽ ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو، جوابدار سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا، 50 کان مٿي ڪيس داخل ٿيل آهن، 30 لک انعام مقرر ڪيل آهي، وڏي ڪاروائي بعد مقابلي ۾ ماريا ويا آهن، خيرپور پوليس جي دعويٰ، 5 ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻو پوليس ۽ وارثن ۾ ڳالهين بعد ختم ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوٽ لالو ڀرسان گذريل رات پوليس مبينا مقابلي ۾ ڳوٺ حڪيم علي نواز واسي ٽن نوجوانن عاقب شر، مولا بخش شر ۽ غلام مجتبي شر کي ماري ڇڏيو جنهن بعد لاش اسپتال منتقل ڪري پوليس غائب ٿي وئي، اطلاع بعد سوين ڳوٺاڻا اسپتال پهتا جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته شر برادري سميت آسپاس جي سوين ماڻهن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پڪاچانگ باءِ پاس وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل بڻجي وئي، ان موقعي تي وارثن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن دانهيو ته ايس ايڇ او ڪوٽ لالو پوليس نوجوانن کي کين مٿان داخل ٿيل ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ڳالهين لاءِ گهرايو جتي کين کي خانگي ماڻهن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ پوليس اٽالا گهرائي جڙتو مقابلو ظاهر ڪيو ويو، هنن دانهيو ته پوليس لاشن مان جان ڇڏائڻ لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ ڦٽو ڪري اتان فرار ٿي وئي، هنن دانهيو ته ايس ايڇ او بااثرن جي ونگار وھڻ لاءِ اهڙو بي رحماڻو عمل ڪيو آهي، ۽ نوجوانن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن نوجوان ڏوهاري هيا ته پوليس پنهنجي عدالت لڳائڻ بدران کين کي قانون جي عدالت حوالي ڪري ها، هنن ايس ايڇ او ڪوٽ لالو ۽ ملوث اهلڪارن ۽ خانگي قاتلن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻي طرف خيرپور پوليس پريس ريليز پڌري ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته ٽئي جوابدار وڏا ڏوهاري هئا، ڳجهي اطلاع تي منگيا ناڪو لڳ پوليس پهچي ڪاروائي ڪئي جتي عاقب شر، مولا بخش ۽ مجتبا شر مارجي ويا ۽ سندن جا ساٿي فرار ٿي ويا، پوليس موجب جوابدار عاقب مٿان 50 کان مٿي، مولا بخش تي 11 ۽ مجتبي شر مٿان 7 ڦرن، ڌاڙن ۽ قتل جا ڪيس داخل ٿيل آهن، جوابدارن خيرپور، سانگهڙ، نوشهروفيروز ۽ ٻين ضلعن ۾ سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا جڏهن ته سنڌ حڪومت کين مٿان 30 لک انعام مقرر ڪيو هو، هوڏانهن پوليس مظاهرين اڳواڻن ۽ وارثن سان ڳالهيون ڪري 5 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.