ڪراچي ۾ چوڪيدار يرغمال، جيولري جي دڪانن مان لکين رپين جو ڌاڙو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ اڻڄاتل هٿياربند چوڪيدار کي هٿيارن جي جي زور تي يرغمال بڻائي، چار جيويلرز شاپ جا تالا ٽوڙي، قيمتي طلائي ۽ چاندي جا زيور، نقدي ۽ ٽجوڙين مان ڦرلٽ ڪئي، عوامي ڪالوني ٿاڻي جي علائقي ۾ جوابدار چوڪيدار کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي چار جيويلرز دڪانن جا تالا ٽوڙي، لکين رپين جي قيمت جا طلائي ۽ چاندي جا زيور، نقدي ۽ ٽجوڙين کي ڦريو، دڪاندار واردات جي اطلاع تي فوري پهتا، پوليس کي آگاهه ڪيو، پوليس ثبوت گڏ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي، پوليس موجب واردات ۾ ملوث جوابدار 2 موٽر سائيڪلن ۽ هڪ هاءِ روف گاڏي ۾ سوار هئا جن جو انگ لڳ ڀڳ 8 هو، هُنن فجر جي نماز کانپوءِ مارڪيٽ جي اڪيلي چوڪيدار کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي، عبد الرزاق، عبد الرزاق جيويلرز جي مالڪ چيو ته هٿياربند انهن جي دڪان مان قيمتي طلائي ۽ چاندي جا زيور ۽ امانت ۾ رکيل ٽجوڙين کي ڦريو آهي، پوليس موجب معاملي جي جاچ هلي رهي آهي، سي سي ٽي وي فٽيجز به حاصل ڪيا پيا وڃن، چوڪيدار کان جوابدارن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.