بلوچستان ۾ حملا گريٽ گيم جو حصو، پاڪستان لاءِ گهڻ رخي آزمائش!

اسلام آباد (عوامي آوازنيوز) بلوچستان ۾ تازن حملن صوبي اندر ڪاوڙ، ڪروڌ کي هڪ نئين، وڌيڪ خطرناڪ ۽ منجهائيندڙ مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو پاڪستان جي قومي سلامتي جي ڍانچي لاءِ هڪ گهڻ رخي آزمائش بڻجي چڪو آهي، انهن حملن جو دائرو  جن هڪ ئي وقت سورهن ضلعن سميت ڪوئيٽا کي نشانو بڻايو، صرف عسڪري جارحيت نه پر معلوماتي جنگ جي منظم ميلاپ جو به عڪاس هو، جنهن سان حمله آور عنصرن جي وڌندڙ منصوبا بندي ۽ آپريشنل صلاحيتون واضح ٿي ويون، پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي پاران ذميواري قبول ڪرڻ ۽ رياستي بيانئي ۾ انهن ڪاررواين کي فتنۃ الهندستان سان ڳنڍڻ کان پوءِ اهو تاثر وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ته بلوچستان جو بحران هاڻي صرف اندروني مسئلو نه رهي آهي پر ان ۾ خاص طور ڀارت جي صورت ۾ ٻاهرين سرپرستي جو عنصر به شامل ٿي چڪو آهي، زميني حملن سان گڏ سوشل ميڊيا تي ڀارتي، افغان ۽ مقامي اڪائونٽن ذريعي منظم پروپيگنڊا مهم بلوچستان تي قبضي جو ڪوڙو تاثر پيدا ڪري عوام ۾ خوف ۽ دهشت ۽ رياستي ادارن تي بي اعتمادي کي هٿي ڏني، جيتوڻيڪ پاڪستاني هٿياربند فوجن فوري ۽ سخت ردعمل ڏيندي ٽن ڏينهن جي ڪاررواين دوران لڳ ڀڳ 177 دهشتگردن کي ماريو ۽ دهشتگردي خلاف رياستي عزم جو ورجاءُ ڪيو، پر ان پيماني جي حملن انٽيليجنس نظام تي به سنجيده سوال اٿاري ڇڏيا آهن، ڇاڪاڻ⁠ته اڳواٽ ڄاڻ هجڻ جي دعوائن جي باوجود دشمن عنصر ايتري حد تائين منظم ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا، ٻئي پاسي بلوچستان جي بغاوت جون پاڙون گهري سماجي، سياسي ۽ معاشي محرڪن ۾ پيڙهيل آهن، جتي احساسِ محرومي، سياسي ويڳاڻپ، قبائلي قيادت جي روايتي ڍانچن جي ٽٽڻ ۽ معاشي ۽ تعليمي موقعن جي کوٽ نوجوانن کي انتهاپسند گروهن لاءِ آسان هدف بڻائي ڇڏيو آهي. تازن حملن ۾ عورت خودڪش بمبارن جو ظاهر ٿيڻ ان ڳالهه جو واضح اشارو آهي ته وڳوڙ وڌيڪ مايوس ڪندڙ ۽ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن کي صرف عسڪري قدمن سان ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن ناهي، انهيءَ پسمنظر ۾ بلوچستان عالمي ۽ علائقائي جاگرافيائي سياست جي ميدان تي هڪ اهم مهرو بڻجي چڪو آهي، جتي ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ، چين پاڪستان اقتصادي راهه داري ۽ گوادر بندرگاهه جي اسٽرٽيجڪ اهميت ۽ علائقي جي معدني وسيلن تي عالمي طاقتن جون نظرون هن عدم استحڪام کي وڌيڪ هٿي ڏئي رهيون آهن، سينيٽر مشاهد حسين سيد جي تجزيي موجب بلوچستان جي ايران سان ڊگهي سرحد، سي پيڪ کي سبوتاژ ڪرڻ جون ڪوششون ۽ معدني وسيلن جي ڊوڙ هن شورش جي بين الاقوامي پهلوئن کي نمايان ڪن ٿيون، ان سان گڏ خيبر پختونخوا ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ۽ سلامتي ترجيحن تي اختلاف دهشتگردي خلاف قومي ڪوششن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ وچ ۾ ملاقات کان پوءِ سامهون آيل متضاد بيان ان بي اعتمادي جي عڪاسي ڪن ٿا، جتي مرڪز سلامتي ذميوارين تي زور ڏئي ٿو جڏهن⁠ته صوبو مالي بقايائن ۽ قبائلي ضلعن جي فنڊن کي بنيادي مسئلو قرار ڏئي ٿو، هي سياسي ڇڪتاڻ ۽ سلامتي خدشن جو امتزاج ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته پاڪستان کي هڪ ئي وقت ٻه باهم ڳنڍيل بحران درپيش آهن، جيڪي رياستي وسيلا، توجهه ۽ حڪمت عملي کي شديد دٻاءُ ۾ آڻي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ پراڻن طريقن تي اصرار، اندروني شڪايتن کان انڪار ۽ وفاقي ۽ صوبائي هم آهنگي جي کوٽ نه صرف حالتن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي رهي آهي پر ٻاهرين قوتن کي مقامي ڪمزورين جي استحصال جو موقعو پڻ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جا مسئلا جامع، سياسي، سماجي ۽ تزويراتي نقطه نظر کانسواءِ حل ٿي نٿا سگهن ۽ جيڪڏهن فوري طور نئين حڪمت عملي اختيار نه ڪئي وئي ته اهي بحران قومي سلامتي لاءِ وڌيڪ سنگين صورت اختيار ڪري سگهن ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.