ڪراچي (رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وڏي وزير چنيسر ڳوٺ جي اسڪول ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئاري مهم جو افتتاح ڪيو، وڏي وزير چيو ته پوليو وائرس کان پاڪ سنڌ اسان جو عزم ۽ گڏيل ذميواري آهي، مهم ۾ هڪ ڪروڙ 5 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف آهي، مهم دوران 80 هزار کان وڌيڪ ورڪرز خدمتون سرانجام ڏيندا، پوليو ٽيم سان سهڪار نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جماعت اسلامي جي ڪراچي ۾ ٻه ڏينهن اڳ ٿيندڙ احتجاج تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي قابض ٽولي جو لفظ استعمال ڪن ٿا، انهن کي سمجهڻ گهرجي ته اهي عوام جي ووٽن سان چونڊجي آيا آهن، هن اعلان ڪيو ته هاڻي شهر جي وڏي شاهراهه تي ٿيندڙ ڌرڻن ۽ احتجاجن تي سختي ڪئي ويندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ مراد علي شاهه چيو ته گل پلازا سانحي جي مشهوري ڪرڻ تي هو حيران آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن جي طرفان جيڪي ان سانحي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، حڪومت سانحي جي متاثرن سان گڏ آهي ۽ انهن جي حقن جي حفاظت ڪندي، سانحي ۾ فوت ٿيل 26 ڄڻن جي وارثن کي چيڪ ڏئي چڪا آهيون، مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته حڪومت سنڌ سانحي جي متاثرن جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا في ماڻهو امداد جي طور تي ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو. هن ٻڌايو ته متاثرن جي گهرن تائين وڃي انھن کي امدادي رقم ڏني وئي پر ميڊيا سان ان بابت ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو، جماعت اسلامي جي شاهراهه فيصل تي ڌرڻي ۽ حافظ نعيم الرحمان جي سنڌ حڪومت تي تنقيد تي مراد علي شاهه چيو ته جيڪي ماڻهو قابض ٽولي جو الزام لڳائي رهيا آهن، اهي پاڻ عوام جي ووٽن سان منتخب ٿي آيا آهن، هن حافظ نعيم الرحمان کي چيو ته هو صوبائي اسيمبلي ۾ اچن يا پنهنجي سيٽ خالي ڪن، مراد علي شاهه چيو ته گذريل ڏينهن شاهراهه فيصل ٽي کان چار ڪلاڪ بند رهيو جيڪو قبول نه آهي، رستن جي بندش سان عوام کي ڏکيائي ٿيندي آهي ۽ هاڻي وڏي شاهراهه تي ڌرڻن ۽ احتجاجن خلاف سختي ڪئي ويندي، وڏي وزير چيو ته حافظ نعيم الرحمان کي سنڌ اسيمبلي جي سيٽ ملي آهي، تنهن ڪري کيس پنهنجي حلقي جي عوام جو خيال رکڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن هو ڌرڻو ڏيڻ جو ارادو رکندا آهن ته پنهنجي سيٽ خالي ڪري ڇڏين ته جيئن عوام کي نمائندگي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه اچي.