مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت مڪاني ادارن واري کاتي ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽرن جون نيون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، چيف سيڪريٽري جي منظوري کانپوءِ سروسز کاتي جي اختيارين طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب شهيد بينظير آباد جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر نور الدين سنائي کي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته کيس ريجنل ڊائريڪٽر ميرپورخاص جي به واڌو چارج ڏني وئي آهي، ٽنڊوالهيار جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر فاروق بلوچ کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، چيف سيڪريٽري جي منظوري کانپوءِ سروسز کاتي جي اختيارين طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

  1. پاڻي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي: شهباز شريف

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان عالمي قانُونن جي پاسداري ڪندي 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي جي مڪمل ۽ منصفانه عملدرآمد تي يقين رکي ٿو ۽ پاڻي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش کي عالمي قانون جي سنگين خلاف ورزي سمجهي ٿو. سومر ڏينهن ملهائجندڙ دُنيا جي پاڻي وسيلن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن پاڪستان ۽ عالمي برادري کي پاڻي وسيلن جي پائيدار تحفظ ۽ انتظام لاءِ پنهنجو عزم ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن سال اهو ڏينهن "پاڻي وسيلا ۽ روايتي علم: ثقافتي ورثي جو پاسداري” جي نهايت موزُون عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي جيڪو اسان کي پاڻي وسيلن جي ثقافتي پس منظر ۽ اهميت جي ياد ڏياري ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 1971ع جي عالمي پاڻي وسيلن جي معاهدي جو ميمبر آهي جنهن تحت انسانن جي لاءِ پاڻي وسيلن جي استعمال ۽ انهن جي وسيلن جي تحفظ کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو. هي عالمي ڏهاڙو ان معاهدي کي ياد ڏيارڻ طور ملهايو ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته قابل اعتماد پاڻي جا وسيلا ڪنهن به ملڪ جي سخت ماحولياتي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي ذخيرا سوڪهڙي، ٻوڏ ۽ انتهائي سخت موسمياتي تبديلين جي هاڃيڪار اثرن کان بچاءُ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. اسان جا پاڻي جا وسيلا، جن ۾ ڍنڍون ۽ گليشيئر، مقامي پاڻي جا ذخيرا ۽ ساحلي ۽ تمر جي حياتياتي تنوع جي تحفظ، ماحولياتي تبديلي ۽ پاڻي جي انتظام جو سبب ۽ لکين پاڪستانين  جي لاءِ پاڻي جا وسيلا انهن جي روزمره جر گُذران ۽ روزمره جي زندگي جو لازمي حصو آهن. هن چيو ته پاڻي جي وسيلن جي گهٽتائي ماڻهن جي روزگار جي کوٽ، قومي سطح تي خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿي. پاڻي جي وسيلن جو تحفظ فقط موسمياتي تبديلي کان بچڻ لاءِ ماحولياتي فرض ناهي پر اهو انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي سماجي ڀلائي جو ضامن آهي. هن چيو ته پاڪستان، عالمي قانونن جي پاسداري ڪندي 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي جي مڪمل ۽ منصفاڻي عملدرآمد تي يقين رکي ٿو، پاڻي کي جنگ جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوششن کي عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي سمجهي ٿو ۽ ان کي سختي سان رد ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اچو ته اڄ جي ڏينهن ان وچن کي ورجايُون ته نه رڳو انفرادي طور تي پر اجتماعي طور تي اسان پاڻي جي وسيلن کي پنهنجو سڀ کان قيمتي قومي، ماحولياتي، سماجي ۽ ثقافتي اثاثو سمجهندي انهن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. عالمي سطح تي پاڪستان ملڪن جي وچ ۾ پاڻي جي وسيلن جي منصفاڻي، قانوني ۽ پرامن استعمال جي فروغ لاءِ آواز بلند اُٿاريندو رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.