ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ترجمان، سنڌي جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي تازو بيان تي ردعمل ڏيکاري چيو آهي ته احتجاج ۽ ڌرڻا عوام جو جمهوري حق آهن، جنهن کي پپلز پارٽي عوام کان نه ڇني سگهي ٿي، جماعت اسلامي جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ اهو وساري ويٺا آهنته کراچی جي عوام ميئر ۽ قومي چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي ووٽ ڏنو هو، ترجمان چيو ته پپلز پارٽي طاقت ۽ ڌانڌلي سان ڪراچي جي قومي ۽ صوبائي سيٽون ان سان گڏوگڏ ميئر شپ تي قبضو ڪيو ۽ جيڪڏهن قابض ميئر کي ”قابض ٽولو“ نه چئجي ته ڪهڙو نالو ڏجي، ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي عوام ”ڪراچي کي جيئڻ ڏيو مارچ) ۾ شرڪت ڪري بااختيار سٽي گورنمينٽ جي حق ۾ فيصلو ڪيو آهي، جماعت اسلامي کي ملندڙ سيٽن کي واپس ڪيو وڃي ۽ قومي ۽ صوبائي اسمبليون ۾ فارم 47 جي ذريعي قبضو ڪندڙن کي هٽايو وڃي.