ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي سٽي ڪائونسل ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب خلاف تحريڪ عدم اعتماد جي تياري شروع ڪري ڇڏي، سٽي ڪائونسل ۾ اپوزيشن ليڊر ايڊووڪيٽ سيف الدين جي ترجمان موجب تحريڪ عدم اعتماد تي ڪائونسل جي ميمبرن جي صحيح جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، پهرين مرحلي ۾ 29 عورت ميمبرن صحيحون ڪيون آهن، ترجمان چيو ته جماعت اسلامي وٽ 127 ميمبرن جو انگ ۽ ٻين جماعتن سان به هن معاملي تي رابطا جاري آهن، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت تحريڪ عدم اعتماد لاءِ ميمبرن جي انگ جي ڪا خاص حد مقرر ناهي، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ موجب مرتضيٰ وهاب نين چونڊن ۾ حصو نٿو وٺي سگهي.