ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ موبائل مارڪيٽ ۾ باهه لڳي وئي، موبائل مارڪيٽ ۾ لڳندڙ باھ تي ڪجهه دير کان پوءِ ڪنٽرول ڪيو ويو، باهه سبب ڪيتريون گاڏيون سڙي ويون، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، ٻڌايو ويو ته موبائل مارڪيٽ ۾ اوچتوباھ لڳي، جيڪا مارڪيٽ جي ستين منزل جي پارڪنگ ۾ لڳي، فوري طور تي فائربريگيڊ کي وڌيڪ مدد لاءِ طلب ڪيو ويو ۽ دڪاندار دڪان بند ڪرڻ شروع ٿي ويا، فائربريگيڊ جي ٽي گاڏيون موقعي تي پهچڻ کان پوءِ باھ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون، جڏهن ته ڪيترين گاڏين کي نقصان پهتو. ريسڪيو ذريعن موجب، ستين منزل تي ڪجهه ماڻهو ڦاٿل هئا، جن مان ٻه ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، جن ۾ هڪ ٻئي کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي، پر ريسڪيو 1122 ايمبولينس طرفان فوري طِبِي امداد ڏني وئي، چيئرمين فائر آفيسر هُمايون خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر موبائل مارڪيٽ ۾ لڳندڙ باھ تي قابو پائڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهيون ۽ بروقت باهه وسائڻ جي عمل ۾ گهٽ نقصان ٿيو، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان مراد چيو ته باهه تي جلد ڪنٽرول ڪيو ويو، فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو ادارن لاءِ بروقت عمل ڪيو، ڪو جاني نقصان ناهي پهتو، دڪاندارن جي نقصان جو جائزو وٺڻ شروع ڪري رهيا آهيون، سڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه باهه جي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪئي ۽ ريسڪيو ڪارروائي جي حڪم ڏنا، ان سان گڏ، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڌو پڻ فوري طور تي ايس ايس پي ڏکڻ ۽ ايس پي ٽريفڪ ڏکڻ کي واقعي جي جڳهه تي روانو ٿيڻ جو حڪم ڏنو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ فائر بريگيڊ کي جلدي سان موقعي تي پهچڻ ۽ ايمرجنسي نافذ ڪرڻ لاءِ هدايت ڏني ۽ عوامي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، اپوزيشن ليڊر سنڌ اسيمبلي علي خورشيدي چيو ته صدر ٽاور ۾ باھ لڳڻ جي واقعي تي ڳڻتي آهي.